سيوهڻ ۾ تيز برسات کان پوءِ پاڻي نيڪال، چيئرمين سيد شهزاد حيدر شاه پاڻ ميدان ۾ متحرڪ

سيوھڻ( رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ ۾ وسندڙ تيز برسات کان پوءِ شهر جي مختلف روڊن ۽ علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو، جنهن سبب شهري سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا، ان صورتحال تي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي چيئرمين سيد شهزاد حيدر شاه پاڻ ميدان ۾ لهي حالتن جو جائزو ورتو، ڊرنيج سسٽم ذريعي پاڻي کي موٽرن سان نيڪال ڪرڻ جو عمل جاري رکيو ويو،
جنهن جي نگراني چيئرمين پاڻ ڪري رھيو اھي، هن ميونسپل ڪاميٽي جي عملي کي هدايتون جاري ڪيون آھن ته برساتي پاڻي نيڪال لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، چند ڪلاڪن جي ڪوششن بعد برسات جو پاڻي نيڪال ڪري روڊ ۽ رستا مڪمل طور صاف ڪيا ويا آھن، جنهن سان شهرين جي آمدرفت بحال ٿي وئي، هن موقعي تي چيئرمين سيد شهزاد حيدر شاه چيو ته: “برسات سبب پيدا ٿيندڙ تڪليفن کي جلد ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن،
شهرين جي مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ پاڻي نيڪال جا ڪم مڪمل ٿيڻ تائين پاڻ ميدان ۾ موجود رهنداسين.
آگسٽ 21, 2025