12 انتظامي يونٽس لاءِ پارليامينٽ سهڪار ڪري،طاقت جو مرڪز مڪاني ادارا هئڻ گهرجن:نديم نصرت

نيويارڪ/لاهور(ويب ديڪس)ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳوڻي اڳواڻ نديم نصرت چيو آهي ته مان هن وقت نه ايم ڪيو ايم لنڊن نه ايم ڪيو ايم پاڪستان سان گڏ آهيان،رياست سان گڏ الطاف حسين جا پراڻا ساٿي هن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن،مان بس پنهنجي روزي روٽي ۾ رڌل آهيان، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته ، مان هن وقت وائيس آف ڪراچي نالي گروپ سان ڳنڍيل آهيان جيڪو گذريل 8 سالن کان پاڪستان ۾ نون انتظامي يونٽن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي،12 انتظامي يونٽ شوشو نه پاڪستان جي عوام جي دلين جو آواز آهي،
پاڪستان جي ضرورت به آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ طاقت جو مرڪز مڪاني حڪومت کي هئڻ گهرجي،سنڌ تي ٻهراڙي جي ماڻهن حڪومت ڪئي،وڏي وزير وٽ وڏا اختيار آهن،هو يونيورسٽيون،روڊ،صنعتي زون به بڻائي سگهي ٿو،پنجاب ۾ وڏا ترقياتي ڪم ٿيا آهن،ڪم ڪرڻ جي نيت هئڻ گهرجي، هن چيو ته وڏي وزير جي نااهلي جي سزا هن وقت شهري سنڌ ڀوڳي رهي آهي،ڪراچي پاڪستان کي پالي رهيو آهي،ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ وڏي وزير کي شهري سنڌ سان انصاف ڪرڻ گهرجي ها،جناح پور جو لفظ جتان کان آيو انهن ئي ترديد ڪري ڇڏي آهي،يوم پاڪستان شهري سنڌ ۾ جوش خروش سان ملهايو ويو،اندرين سنڌ ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿيون؟پاڪستان ٽٽڻ جو خطرو شهري سنڌ مان ناهي،1992ع کان ڪراچي ۾ ڪو ڪاليج ناهي بڻيو،
حيدرآباد ۾ 1947ع کان يونيورسٽي ناهي بڻي،شهري سنڌ اڄ به پاڪستان سان وفادار آهن،هن چيو ته سنڌ ۾ 800 کرب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪهڙو ادارو آهي جتي ڪرپشن نه پئي ٿئي؟واپاري فيلڊ مارشل کي ڀتي جون شڪايتون ڪري چڪا آهن،هاڻي ته ايم ڪيو ايم به ڀتو نه پئي وٺي،اهو به مطالبو ٿيو ته مريم نواز جي حوالي سنڌ ڪئي وڃي،اڄ به ڪراچي ۾ ڦرون ٿي رهيون آهن،اڳ ۾ ته الزام ايم ڪيو ايم تي لڳندو هو،هاڻي ڪير پيو موبائل فون ۽ گاڏيون کسي؟هن چيوته 100 ملي ميٽر برسات ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،هزارين وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل آهن،هن چيو ته نون صوبن لاءِ موجوده پارليامينٽ سهڪار ڪري،ڪجهه وڏيرن،چوڌرين کي خوش رکو يا ڪروڙين نوجوانن جو خيال ڪريو،
مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم وٽ نون صوبن جو موقعو هو،موجوده ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل اڪثر ماڻهن جي مسجد جو مولوي بڻجڻ جي به اهليت ناهي،ڪراچي ۾ سوين ماڻهو ڦورن هٿان قتل ٿي ويا،اهي اڳواڻن انهن جي جنازن ۾ شريڪ نه ٿيا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ووٽر سان غداري ڪئي،هن چيو ته نوازشريف سدائين شهري سياست کي هٿي ڏني،هن پاڪستان ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا،بدقسمتي سان کيس ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو،ڪراچي ۽ لاهور جو ڪو به مقابلو ناهي، نون صوبن لاءِ ٿي سگهي ٿو ته ڪو آئين کان مٿانهون قدم کڄي وڃي، فيلڊ مارشل کي سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ گهرجي، سياسي پارٽيون ملڪ سان محبت ڪنديون هونديون ته پاڪستان کي اڳتي رکيو ويندو ۽ پاڪستان کي اڳتي آڻڻو پوندو.
آگسٽ 21, 2025