پي ٽي آءِ عمران خان کي سپريم مان ملندڙ رليف کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنهنجي باني عمران خان کي سپريم ڪورٽ مان ملندڙ رليف کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اڄ قوم لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ عدالتن مان رليف مليو آهي، اڄ اسان جي بيانئي جي فتح ٿي آهي، هاڻي رڳو القادر ٽرسٽ ڪيس بچيو آهي، جنهن ۾ به جلد اسان جي حق ۾ فيصلو ايندو.
سلمان اڪرم راجا اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي کي وٺي پي ٽي آءِ خلاف بيانئو گهڙيو ويو، اڄ عدالت آڏو جيڪا شاهدي پيش ڪئي وئي، اها هميشه هر ڪيس ۾ پيش ڪئي ويندي هئي، اهڙن ڪيسن ۾ ڏهه ڏهه سال سزا به ٿي ۽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت رد ڪئي وئي.
هن چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ اسان کي هوا جو جھوڪو مليو آهي. عدليا جي آزاد حيثيت سان گڏ آهيون، جڏهن به موقعو مليو ته 26هين آئيني ترميم ختم ڪري ڇڏينداسين.
لطيف کوسا چيو ته عمران خان سالن کان قيد ۾ آهي، هن ڪيس جي اهميت تڏهن ختم ٿي وئي هئي جڏهن سپريم ڪورٽ سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ حافظ فرحت جي ضمانت منظور ڪئي هئي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ پراسيڪيوٽر کان اعجاز چوڌري جي ضمانت جو حوالو ڏنو، پراسيڪيوٽر وٽ ڪو جواب نه هو جنهن تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪئي.
لطيف کوسا وڌيڪ چيو ته زمان پارڪ ۽ چڪري تي هڪ ئي شخص سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ شاهدي ڏني، جڏهن ته 8 ڪيسن مان پنجن ۾ پي ٽي آءِ باني جو نالو ئي شامل ناهي.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو