برسات ۽ ٻوڏ مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو: ماهرا خان ذاتي تجربو شيئر ڪري ڇڏيو

Spread the love

ناليواري اداڪارا ماهرا خان تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال سان جڙيل پنهنجو ذاتي ۽ خوفناڪ تجربو شيئر ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ماهرا خان ٻڌايو ته ايبٽ آباد جي سياحتي ماڳ نٿيا گلي کان واپسي وقت پاڻ کي بي وس محسوس ڪري رهي هيس، رستي ۾ مسلسل اهو خيال اچي رهيو هو ته جيڪڏهن لينڊ سلائيڊنگ ٿئي يا اوچتو ٻوڏ جو پاڻي اچي وڃي ته ڇا ٿيندو.
سندس موجب ان ئي دوران منهنجو ذهن هزارين متاثرن ڏانهن به ويندو رهيو، جيڪي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڏکيائين ۾ آهن.
ماهرا خان چيو مون کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته قدرتي آفتن سامهون ماڻهو بي وس ٿي ويندا آهن، هو پنهنجون زندگيون، گهر ۽ پيارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اڪثر ڪجهه به انهن جي هٿ ناهي رهندو.
هن برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي خدا کان رحم ۽ حفاظت جي دعا به ڪئي.

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو