قاضي امتياز احمد قريشي جو پريس ڪلب دورو ـ صحافين کي معاشري جو آئينو قرار، شھر جي مسئلن جي حل لاءِ واعدا

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنهور ) صحافي معاشري جو آئينو آهن ، شهري مسعلن جي ڄاڻ صحافين وٽان ملندي آهي ، پي،پي،اڳواڻ قاضي امتياز احمد قريشي   جون  ايوان صحافت پريس ڪلب تي صحافين سان ڳالهيون،  پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعه دادو جو اڳواڻ قاضي امتياز احمد قريشي پنهنجي ساٿين سان گڏجي ايوان صحافت پريس ڪلب تي پهچي ويو ، شھر جي مسئلن تي ڳالھ ٻولهه ڪئي ان موقعي تي سگا اڳوان احمد حسن پنهور ، آفتاب احمد پنهور، بابو نياز احمد پنهور ، چيمبر آف ڪامرس جي صدر نظير احمد چانڊيو، انجنيئر غلام ﷲ ھنڱورو موجود ۽ ٻيا هن سان گڏ هئا، صحافين پاران شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي ،

ڊرينيج سسٽم سميت اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه هجڻ ، شهر ۾ منشيات جو وڪرو عام  ۽ بدامني هجڻ جون شڪايتون ڪيون ،  ان موقعي تي  قاضي امتياز احمد قريشي قلم ڌڻين اڳيان ڳالھائيندي چيو ته ، صحافي معاشري ۾ آئيني جو ڪردار ادا ڪن ٿا ، پنهنجي ڪارڪردگي ۽ شهري مسعلن جي ڄاڻ لاء ايوان صحافت پريس ڪلب تي آيو آهيان ، مان قلم ڌڻين جو ٿورائتو آهيان جن شهر جي اهم مسعلن جي نشاندهي ڪرائي آهي، شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت لاء سموري شهر ۾  واٽر سپلاء جون نيون پائپ لائنون لڳرايون وينديون جيئن شهرين کي پيئڻ لاء مٺو ۽ صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي، بيسڪ هليٿ سينٽر کي اپگريڊ ڪري آر،ايڇ،سي جو درجو ڏئي چوويھ ڪلاڪ علاج جون سهولتون ڏيارڻ لاء پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهيا ،

ايم،اين،اي دادو رفيق احمد جمالي ۽ ايم،پي اي دادو پير مجيب الحق جي سهڪار سان ڪروڙي رپين جا  مين روڊن سميت شهر جي ننڍين وڏين گهٽين ۾ پيور بلاڪ لڳرايا آهن ، ٻي پاسي قلم ڌڻين  غلام سرور پنهور، سڪندر علي پنھور ،غلام حيدر پنھور، محمد يعقوب کھرو ، نيڪ محمد پنهور، اشفاق پتافي، شيرخان منگي، تنوير احمد ميمڻ، غلام شبير پنهور، فراز سرور پنهور، صدام حسين آرائين ۽ ٻين آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا،

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو