سڪن ندي ۾ ڦاٿل 8 ماڻهو ريسڪيو ـ پيپلزپارٽي ملير اڳواڻ امداد جوکيو ۽ نوجوانن جي بهادري سان زندگيون بچي ويون

Spread the love

ملير(ڊر ) ميهن زيادا وسڻ سبب ڪوٽيرڙو واري جابلو علائقن جي پاڻي سان سڪن ڀرجي آئي  سڪن ندي ۾ ڦاٿل 8 ماڻهن کي پيپلزپارٽي ملير  جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو مقامي نوجوانن جي مدد سان بچايو ويو سڪن ندي ۾ 8  ماڻهو ڦاسي پيا، جن کي مقامي نوجوانن سان گڏجي پيپلزپارٽي ملير اڳواڻ امداد جوکيو ريسڪيو ڪري انهن جي زندگي بچائي ورتي  

واقعو ندي ۾ پاڻي جي  تيز ٿيڻ سبب پيش آيو جنهن جي ڪري ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ اچي وئي جاءِ موقعي تي امداد جوکيو پنهنجي ٽيم سميت فوري طور تي موقع واري هنڌ پهتو ۽ مقامي رضاڪارن سان گڏجي ريسڪيو ڪري ماڻهن کي ندي مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا  مقامي ماڻهن پاران امداد جوکيو  جي همت ۽ نيڪ عمل جي واکاڻ ڪئي وئي  واقعي واري هنڌ موجود علائقي واسين حڪومت کان مطالبو ڪيو  ته ندي جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن اهڙا واقعا مستقبل ۾ پيش نه اچن.

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو