دادو ۾ پوليو مهم لاءِ انتظامي اجلاس ـ پهرين سيپٽمبر کان ست ڏينهن دوران 4 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيايا ويندا

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڊپٽي ڪمشنر دادو جي صدارت ھيٺ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، ست ڏھاڙم تي مشتمل پوليو جي خاتمي واري مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي جنهن ۾ 4 لک 7 هزار 7 سئو 23 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيايا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضىٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس دادو ۾ پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ست ڏينهن واري پوليو مهم جي انتظامن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي، اي ڊي سي ٽو سڪندر رستماڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ فاطمه گھلو، اسسٽنٽ ڪمشنر جوھي عدنان اظھر ھڪڙو، ڊي ايڇ او دادو سيد امداد علي شاهه، پوليو اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ديدار حسن، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ ذڪر سمون، فيصل بلوچ، ساجد حسين، ڊاڪٽر ريحانه جوڻيجو، تعليم کاتي جا نمائندا نعيم احمد ۽ امجد علي جويو، لوڪل گورنمينٽ جو طارق پنھور، انسپيڪٽر عبدالستار ميراڻي سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا۔ اجلاس کي ايس ايس پي دادو، اين اسٽاپ آفيسر پوليو ۽ ٻين ذميوارن پاران پوليو مهم لاءِ ڪيل انتظامن، سيڪيورٽي پلان ۽ تجويزن کان آگاهه ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر دادو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ۾ پوليو جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميه، صحت کاتو ۽ ڊي اي او سي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته مهم جي انتظامن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، مائيڪرو پلان جي ويري فيڪيشن، عملي ۽ پوليس اهلڪارن جي ٽريننگ سميت سمورا معاملا يقيني بڻايا وڃن ته جيئن مهم ڪاميابي سان مڪمل ٿي سگهي.
مهم دوران پوليو ويڪسين جي ڪولڊ چين جو معيار يقيني بڻايو وڃي ۽ سمورن ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد پڻ ڪيو وڃي. ھن والدين ۽ شهرين کي به اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪن ته جيئن ٻارن کي هن موذي مرض کان بچائي سگهجي،
آگسٽ 20, 2025