ٿر ۾ برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان ـ ٿر ايڪشن فورم چيئرمين نندلال مالهي پاران سنڌ حڪومت کي فوري اپائن جو مطالبو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) ٿر ايڪشن فورم جي چيئرمين ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ٿر ۾ تازو برساتن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال مرڻ تي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون سون جي هلندڙ برساتن ۾ ٿر ۾ ڏهن کان وڌيڪ هنڌن تي کنوڻ ڪرڻ جا واقعا ٿيا آهن جن ۾ ٽي ماڻهو ۽ سوين چوپايو مال مري چڪو آهي. ٿر ۾ برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان 2023 ۾ ٿر ايڪشن فورم پاران ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن ۽ هن جي روڪٿام لا۽ اپا۽ وٺڻ جي موضوع تي مٺي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، ماحولياتي ماهرن، انجنيئرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن جي روڪٿام لا۽ سنڌ حڪومت ماحولياتي تبديلي جو کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪارائتيون تجويزون موڪليون ويون

هيون پر ٻہ سال عرصو گذرڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ۽ ماحولياتي تبديلي جي کاتي انهن تجويزون تي ڪوبه عمل نه ڪيو. جيڪڏهن انهن تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ها ته ٿر ۾ وڌيڪ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا نه ٿين ها ۽ ايڏي وڏي پئماني تي ٿر جي ماڻهن جو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي ها. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪانفرنس پاران موڪليل تجويزن تي فوري طور تي عمل ڪرايو وڃي ته جيئن هلندڙ ۽ ايندڙ مون سون ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن کان بچي سگهجي. هن چيو ته ٿر جي 2500 ڳوٺن ۾ سنڌ حڪومت فوري طور تي اريسٽر ارٿ راڊون لڳائڻ گهرجن.

جيڪا سنڌ حڪومت لا۽ ڪابه اهڙي وڏي ڳالھ ناهي. جيڪڏهن حڪومت اريسٽر ارٿ راڊ لڳائڻ جي منصوبي تي خرچ ڪري نٿي سگهي ته سنڌ حڪومت وٽ موجود ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي جي رقم مان فوري طور تي ارٿ راڊون لڳائڻ واري منصوبي خرچ ڪري عمل ڪيو وڃي.

آگسٽ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو