حميرا اصغر جو پراسرار موت، عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، عدالت ماڊل جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت حميرا اصغر جي مبينا قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته حميرا اصغر جو قتل ٿيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ان جي ميڪ اپ آرٽسٽ سميت لاڳاپيل ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.
عدالت درخواستگذار جي وڪيل ۽ پوليس رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قرار ڏنو ته موجود رڪارڊ جي روشني ۾ دست اندازي جهڙو ڏوهه ٺهي ٿو، تنهن ڪري حميرا اصغر جي گهر ڀاتين ۽ رياست جي فرياد ۾ بيان رڪارڊ ڪندي ڪيس داخل ڪيو وڃي.