ٿرپارڪر ۾ تيز برساتن سان خوشحالي جون اميدون، وڄ سبب هڪ فوت ۽ مال مويشي هلاڪ

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ضلع ٿرپارڪر تي گذريل ٽن ڏينهن کان تيز ترين موسمي برساتن جو سلسلو جاري آهي. جنهن بعد ٿر جي ٻنين ۾ پوکيل فصل سوڪھڙي کان بچي ويا آهن ۽ ٿرپارڪر ڏڪاري حالتن کان به بچي ويو آهي ۽ مارو ماڻھن جي چهرن تي مرجهايل خوشين جا بادل ٻيهر ٻھڪي اٿيا آهن ۽ هيل به خوب وسڪاري ٿيڻ جون باقاعده اميدون پيدا ٿي ويون آهن.

جڏھن ته گذريل رات کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ پيل برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ جا واقعا به سامهون آيا جنهن. مليل تفصيل موجب تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاسول ۾ ٻني تي ڪم ڪندڙ پورهيت تارو ولد ارجن ڪولهي تي وڃ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ابن جو تڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب به ڄڻا بي هوش ٿي ويا جن کي فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو. تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ روهج ۾ وڃ ڪرڻ سبب 12 ٻڪريون مري ويون ۽ مٺي ويجهو ڳوٺ پڌريو ۾ به وڄ ڪرڻ جي ڪري 7 رڍون ۽ 5 ٻڪريون مري ويون آهن.

جڏھن ته ٿر ۾ برساتن دوران وڄ ڪرڻ جي واقعن سبب ٿري عوام جو ساه مٺ ۾ اچي ويو آهي ۽سخت خوف جي فضا پکڙيل آهي.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو