سيوهڻ پوليس جي ڪاميابي: نور نبي لاکو قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ پوليس جي اهم پيش رفت , نور نبي لاکو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار، ايس ايس پي ڄامشورو جناب ظفر صديق ڇانگا ۽ اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل جي سخت هدايتن تي سيوهڻ پوليس  ڪاروائي ڪئي،سيوهڻ پوليس فريادي جي شڪايت موجب  جوابدار خان محمد شورو کي گرفتار ڪري ورتو،

گرفتار جوابدار مقتول جو ويجهو دوست پڻ ٻڌايو پيو وڃي،ياد رهي ته نور نبي لاکو کي 7 جون 2025 تي جيم خانه گرائونڊ ويجهو بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو،جڏهن ته سيوهڻ پوليس  ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان حوالي سان ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته ڄامشورو ضلعي ۾ ڪنهن به مجرم کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ هر ڪيس ۾ انصاف کي يقيني بڻايو ويندو.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو