ڄامشورو ۾ ضلعي پوليو ايريڊيڪيشن ڪاميٽي جو اجلاس، پهرين سيپٽمبر کان مهم شروع ڪرڻ جو اعلان

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي صدارت اڄ درٻار هال، ڄامشورو ۾ ضلعي پوليو ايريڊيڪيشن ڪاميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ پهرين سيپٽمبر 2025 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم پنج سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندي، جنهن دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم قومي ذميواري آهي،
ان ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن هدايت ڪئي ته ٻين ضلعن کان ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهن تي خاص نظر رکي وڃي ته جيئن وائرس جي منتقلي کي هر صورت روڪي سگهجي۔ هن چيو ته برساتن دوران گهڻ رهاڪن وارن علائقن ۾ ٽيمون خاص توجهه ڏين ته جيئن ڪو به ٻار ڦڙا پيارڻ کان محروم نه رهي۔ هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته فيلڊ ٽيمون کي هر ممڪن سهولت ڏني وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر عزم ظاهر ڪيو ته بهتر حڪمت عملي ۽ گڏيل ڪوششن سان پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي۔
هن زور ڏنو ته مهم دوران هر يونين ڪائونسل ۾ اثرائتي ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪارڪردگي رپورٽ وقت سر جمع ڪرايون وڃن، ٻئي پاسي پروينس ايمرجنسي آپريشن سينٽر(PEOC) جي تعاون سان ڄامشورو ضلعي جي جامع مسجدن لاءِ 25 وال ڪلاڪ، ٽوپيون ۽ تسبيحون فراهم ڪيون ويون. جيڪي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران پيش امامن جي حوالي ڪيو ۽ سماجي تنظيم جي ان قدم کي مسجدن جي سهولتن ۾ بهتري لاءِ اهم قرار ڏنو. جڏهن ته پيش امامن ۽ پي او سي تنظيم ۽ ضلعي انتظاميا جي عوام دوست ڪردار کي ساراھيو.
آگسٽ 19, 2025