سانگهڙ ۾ پهرين سيپٽمبر کان پوليو مهم، 5 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جا انتظام مڪمل

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي انهي لاء ان جو خاتمو انتهائي ضروري آهي، مستقبل جي معمارن کي محفوظ مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا ته اسان پنهنجي ٻارن کي عمر بهر جي معذوري کان بچائي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار انهن پهرين سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان منعقد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.
ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گرمي پد وڌڻ سبب وئڪسين جي ڪول چين برقرار رکڻ لاءِ مناسب بندوبست ڪيا وڃن ۽ مائڪرو پلان تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي پوليو مهم جي موثر نگراني لاء پڻ جوڳا انتظام ڪيا وڃن، هي هڪ قومي فرض آهي انهي ۾ ڪوتاهي ڪنهن صورت برداشت نه ڪئي ويندي. ضلع هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالی اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي جي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 5 لک 105 ٻارن کي پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ تشڪيل ڏنل ٽيمون گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارينديون.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام مصطفي لغاري، سول سرجن ڊاڪٽر افتاب اعظم سريوال، سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار، پوليو بابت ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد فاروق، يونيسيف نمائندو آفتاب احمد، ورلڊ هيلٿ ارگنائزر جي نمائندي بلال، تعلقه هيلٿ آفيسرز، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سماجي ڀلائي مسلم فاروق ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا.
آگسٽ 19, 2025