نوشهروفيروز ۾ عورت جو ڏير جي ظلمن خلاف احتجاج، انصاف نه ملڻ تي پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

نوشھرو فيروز (رپورٽ: ڊر محمد عادل عباسي )نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري جامعذور ميول لاشاري ۔ثمير علي ۽صنم لاشاري سھڻي لاشاري پنھنجي ڏير رمضان لاشاري جي ظلمن کان تنگ ٿي نيشنل پريس ڪلب پھچي صنم چيو ته منھنجو مڙس خادم حسين گذاري ويو آ منھنجو پيء معذور آھي
منھنجو ڏير مون سان روز وڙھي ٿو چئي ٿو مون سان شادي ڪر جواب ڏيڻ تي مون سان وڙھي ٿو اڄ به مون سان وڙھيو آھي مان بيزار ٿي صفا مجبور ٿي ھي قرآن کنيو آھي ٿاڻي تي کڻي وئي آھيان وري پريس تي آئي آھيان آء جي سنڌ ايس ارس پي نوشھرو فيروز ۔سيشن جج نوشھرو فيروز ڊي ايس پي نوشھرو فيروز کي اپيل آھي خدارا خدا جي واسطي مون کي انصاف وٺي ڏيو منھنجو پيء به معذور آ ڪوبه منھنجو سھارو نه آھي جيڪڏھن انصاف نه مليو ته پاڻ ساڙيندس ان جو ذميوار منھنجو ڏير رمضان ھوندو ۔
آگسٽ 19, 2025