ملير پندرنهن ۾ پيٽرول پمپ تي خوفناڪ باھ، ٻه ماڻهو زخمي، فائر بريگيڊ دير سان پهتي

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )   ملير پندرنهن ۾ پيٽرول پمپ تي خوفناڪ باھ، امدادي ڪارروايون دير جو شڪار ملير پندرنهن لڳ ملير ڪورٽ ڀرسان  پيٽرول پمپ کي برسات وسندي اوچتو خوفناڪ باھ لڳي  پئي جنهن  ڏسندي ڏسندي سڄي پمپ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. عيني شاهدن موجب باھ ايتري تيزيءَ سان پکڙجي وئي، جو ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ ۽ ڀاڄ پئجي وئي.حادثي وقت پيٽرول پمپ تي گاڏين جي اچ وڃ جاري هئي، جنهن سبب وڌيڪ خطرو وڌي ويو. باھ سبب ٻه ماڻهو سخت سڙي زخمي ٿي پيا آهن،

جن کي دير سان  ريسڪيو ايمبولينس اسپتال منقل ڪيو جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اطلاع ڏيڻ باوجود فائر بريگيڊ جون گاڏيون دير سان پهتيون جنهن ڪري باھ  پکڙجندي رهي جنهن سبب ويجها دڪان ۽ عمارتون پڻ خطري ۾ اچي ويا اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي ملير پوليس جي وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ويو

پوليس عملو مقامي وسيلن وسيلي باھ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو  جيستائين فائر بريگيڊ نه پهچي، علائقي واسين فائر بريگيڊ ۽ ايمرجنسي ادارن جي دير تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي احتجاج ڪيو.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو