سڪرنڊ ۾ آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج، 30 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ مطالبا

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) اڄ ٽئين ڏينهن بـ سڪرنڊ شاخ ، راھب شاھ شاخ ۽ ننڍي ريڻ جي ننڍن آبادگارن  ٽگھاٽ موريءَ تي حاجي نورمحمد پرھيار ، عبدالقادر جيلاني ، محمد بچل ڏھيو ، غلام محمد پرھيار ، رفيق احمد چانڊيو ، نصر الله خاصخيلي ، ايوب ڏھيو ۽ فضل الله ٻگھيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج مظاهرو ڪيو جتي هنن الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن انتظاميـ پاران وارا بندي کي جاري رکندي پنهنجي هوڏ تي قائم آهي

مسلسل احتجاج باوجود سندن ڪن تي جونءِ نٿي سري جڏھن ته احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي کين حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسين کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسين چور ناهيون جو اوهان جي دڙڪن کان ڊڄنداسين چور ۽ راشي اوهان آهيو ان ڪري اسين چتاءُ ٿا ڏيون ته اسان جا جائز مطالبا مڃيا وڃن ته جيئن اسان سمورن  آبادگارن جي لڳ ڀڳ 30 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي هنن اهو پڻ ڄيو ته سومر ڏينهن ايريگيشن آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو :

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو