نوابشاهه ۾ ڏاهري برادري جي عورتن جو احتجاج، مرد ميمبرن کي پوليس طرفان کنڀڻ جو الزام

Spread the love

نوابشاه (رپورٽ :عبدالفتاح رند)  اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري جي ڀينرن حميدان ڏاھري ۽ فريدان ڏاھري پنهنجي وارث مردن سان گڏ گذريل رات اي سيڪشن ٿاڻي نوابشاهه تي ڦر ڪيس ۾ سي آر او ڪرائڻ لاءِ پهتيون ته پوليس جي اٽالن ڊي ايس پي سٽي شھزاد رشيد سومرو جي اڳواڻي ۾ گهيرو ڪري حميدان ۽ فريدان کي کنڀي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورتون رڙيون ڪندي پيرين اگهاڙي نوابشاهه پريس ڪلب پهتيون جتي حميدان ڏاھري فريدان ڏاھري ۽ بسمل ڏاھري روئيندي ٻڌايو ته عدالت جا ڪاغذ ٿاڻي تي جمع ڪرائڻ لاءِ وياسين ته پوليس اسان کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان رڙيون ڪري جان بچائي هتي پهتا آهيون

جڏھن ته اسان سان گڏ آيل مردن رحيم بخش ڏاھري سجاد رمضان دودو ڏاھري ۽ 13سالن جي نينگر حبيب الله ڏاهري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هنن چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف پوليس پاران مبينا گرفتار ٿيل پنجن ڄڻن مان ٻن ڄڻن سجاد ۽ رحيم بخش ڏاهري تي ٻانڌي ٿاڻي تي منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو جن کي اڄ نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو ته حميدان ڏاھري ۽ فريدان ڏاھري  به عدالت ۾  پهتاجتي پوليس  گهيرو ڪري کنڀي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي

ميڊيا وارن کي ڏسي پوليس وارا رفو چڪر ٿي ويا عدالت ٻاهران مذڪورہ عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات کنڀي گم ڪيل رمضان ڏاھري دودو ۽ 13 ورهين جي حبيب الله ڏاهري کي پوليس اڃان تائين ظاهر نه ڪيو آهي اسان کي خدشو آهي ته اسان جي مردن کي ماريو ويندو هنن چيو ته جيڪڏهن کي ڪجهه به ٿيو ته انھي جا ذميوار سردار خان محمد ڏاهري ۽ بهادر خان ڏاهري وارا هوندا

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو