پاڪستاني اسپانسرن جي شو ۾ پرفارم ڪرڻ تي پابندي، منهنجو فن سرحدي سياست کان آزاد آهي: بادشاهه

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار بادشاهه پنهنجي ٽيم جي ذريعي وضاحت جاري ڪئي آهي ته هو سيپٽمبر ۾ آمريڪا جي دوري دوران اهڙي شو ۾ پرفارم نه ڪندو جيڪي ڪنهن پاڪستاني شهري جي انتظام هيٺ هوندا.
گلوڪار اِهو وضاحتي بيان انڪري جاري ڪرڻو پيو جو 13 آگسٽ تي فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سيني ايمپلائز (ايف ڊبليو آءِ سي اَي) ان حوالي سان افسوس جو اظهار ڪيو هو ته ” بادشاهه آمريڪا ۾ ٿري سڪسٽي شوز نالي ڪمپني جي انتظام هيٺ پروگرامز ۾ پرفارم ڪندو.“
پر بادشاهه جو چوڻ آهي ته ” منهنجي موسيقي سرحدي سياست کان آزاد آهي.“
واضح رهي ته والاريل ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام حملي کانپوءِ ڪيئي ڀارتي فنڪارن کي دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پيو، جون ۾ اداڪار دلجيت دوسانجهه ٻڌايو هو ته سندس فلم ”سردار جي ٿري“ ڀارت ۾ رليز نه ٿي سگهي، جنهن ۾ پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر ڪم ڪيو هو ۽ اها فلم پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رليز ٿي.
دلجيت جو چوڻ هو ته فيبروري ۾ فلم جي شوٽنگ دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ حالتون ٺيڪ هيون.
ان طرح آل انڊين سيني ورڪرز ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو هو ته” ترڪي ۾ فلمن جي شوٽنگ روڪي وڃي ڇوته ان پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو.“
ايف ڊبليو آءِ سي اَي بادشاهه کي لکيل خط ۾ الزام لڳايو ته هو سيپٽمبر ۾ آمريڪا ۾ پاڪستاني شهرين طرفان اسپانسر ڪيل تقريب ۾ پرفارم ڪندو.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي 19 سيپٽمبر 2025 تي آمريڪي شهر ڊيلس ۾ ڪرٽس ڪلويل سينٽر ۾”بادشاهه ان-فنشڊ ٽور۾“ ٿيندو، اِهو شو پاڪستاني شهرين جي ڪمپني ٿري سڪسٽي اسپانسر ڪري رهي آهي.
خط جي متن ۾ بادشاهه کي ياد ڏياريو ويو ته ڀارتي حڪومت سڀني فنڪارن، پرفارمرز ۽ ٽيڪنيشنز کي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستاني شهرين يا پاڪستان سان لاڳاپيل تنظيم سان ڪنهن به پروفيشنل سهڪار يا پرفارمنس کان پاسو ڪن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ان کان اڳ اداڪار ڪارتِڪ آريان کي به آمريڪا ۾ 15 آگسٽ جي مناسبت سان هڪ تقريب ۾ شرڪت بابت پڇاڻو ڪيو هو، تنظيم مڙهيو ته ان تقريب جي اسپانسرن مان هڪ آغا ريسٽوران اينڊ ڪيٽرنگ آهي جييڪا پاڪستاني ڄائي آمريڪي شوڪت مريديا هلائيندو آهي، پر اداڪار چيو هو ته سندس ان تقريب سان ڪو واسطو ناهي.
۽ هاڻي اهڙي قسم جي وضاحت بادشاهه کان طلب ڪئي وئي آهي.
بادشاهه ۽ سندس جي ٽيم سمورا الزم ڪندي وضاحت ڪئي ته آمريڪي دورو ۽ پرفارمنسز پاڪستاني ڪمپني طرفان سپانسر نه ڪيو ويون آهن.
وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”هي دورو مڪمل طور انٽينس انٽرٽينمينٽ جي منيش سود ذريعي ٿي رهيو آهي، جيڪو واحد پروموٽر آهي ۽ اِهو ئي شوز جي وينيو جي بڪنگ، اسپانسرشپ، رهائش ۽ لاجسٽڪس جا انتظام سنڀاليندو.
بادشاهه جو موقف آهي ته هو موسيقي کي ثقافتي مٽاسٽا ۽ اتحاد جو ذريعو بڻائڻ چاهي ٿو ۽ سندس ڪم جغرافيائي سياسي اثرن کان آزاد آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته بادشاهه پرفارمنس ڪانٽريڪٽ ۾ لکيل شرطن کانسواءِ ڪنهن مالي معاملي ۾ شامل نه آهي.
انٽينس انٽرٽيمنيٽ پنهنجي بيان چيو آهي ته آمريڪي دوري لاءِ ٿري سڪسٽي شوز جون خدمتون رڳو سهڪار لاءِ ورتيون ويون آهن.، اِها آمريڪي ايونٽ مئنيجمينٽ ڪمپني آهي جنهن جي صدر ۽ جي سي اي او ڪلوئي جونز آهي ۽ اها ڪمپني مارڪيٽنگ ۽ گرائونڊ لاجسٽڪس ۾ سهڪار ڪري ٿي.
انتظاميا وڌيڪ چيو ته سڀ بڪنگ، هوٽل ريزرويشن، پروازن جا انتظام ۽ ٻيا لاجسٽڪس انتظام مقامي قانونن ۽ انڊسٽري جي بهترين طريقن مطابق ڪيا ويا آهن.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو