” ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيندي“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪٽر ڪيدار جادو دعويٰ ڪئي آهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ نه ٿيندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪيدار جادو جو چوڻ آهي ته ڀارت وٽ پاڪستان سميت ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت آهي، پر مون کي يقين آهي ته اِها ميچ نه ٿيندي۽ مان اعتماد سان چوان ٿو ته ڀارت پاڪستان خلاف نه کيڏندو.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان سان کيڏڻ ئي نه گهرجي، ڀارتي ٽيم جتي به کيڏندي، هميشه کٽيندي.
واضح رهي ته ڪيدار جادو جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن اڳوڻي اسپنر هرڀجن سنگهه به ٽورنامينٽ ۾ ڀارت طرفان پاڪستان سان کيڏڻ جي بائيڪاٽ جي ڳالهه ڪئي هئي.
هرڀجن سنگهه جو چوڻ هو ته اسان انهن( پاڪستان ) کي ايتري اهميت ڇو ٿا ڏيون.
ياد رهي ته ورلڊ چيمپئين شپ آف ليجنڊز ۾ ڀارتي ٽيم گروپ مرحلي ۽ سيمي فائنل ٻنهي ميچن ۾ پاڪستان چيمپئنز سان کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ڀارت چيمپيئنز ٽيم ۾ شيکر ڌون، يووراج سنگھه، عرفان پٺاڻ، سُريش رائنا، يوسف پٺاڻ، هرڀجن سنگھه ۽ ٻيا رانديگر شامل هئا.