صنم ماروي ۽ احمد شاهه وچ ۾ ٿيل صلح جي آجيان ڪجي ٿي

Spread the love

رپورٽون آهن ته ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ليجنڊ ليکڪا نورالهديٰ شاهه جي ڪوششن سان سنڌ جي ناليواري ڳائڻي صنم ماروي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاهه جي وچ ۾ صلح ٿي وئي آهي. صنم ماروي ۽ احمد شاهه وچ ۾ سکر ۾ هڪ موسيقي جي پروگرام ۾تڪرار ٿيو هو جنهن ۾ صنم ماروي کي دير سان پهچڻ ڪري اسٽيج تي ڳائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ بقول صنم ماروي جي ته ساڻس بدتميزي ڪئي وئي جڏهن ته احمد شاهه انهن الزامن کي رد ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته تصوير جو غلط رخ ڏيکاريو پيو وڃي.

هي واقعو جڏهن ٿيو هو تڏهن ئي اسان کي فنون لطيفا سان سلهاڙيل هنن ٻنهي امن ۽ محبت جي سفير شخصيتن مان اميد هئي ته اهي جلد ئي پاڻ ۾ صلح ڪري وٺندا شايد ان ڪري اسان کي  هن معاملي تي ايڊيٽوريل لکڻ ۽ ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ صلح ڪرڻ جو چوڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي هئي. وري سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو اهو بيان به نظر مان گذريو هو ته 14 آگسٽ جون تقريبون ختم ٿين ته ٻنهي شخصيتن ۾ ٺاهه ڪرائيندس، ان بيان مان به دلجاءِ ٿي. ٻيو ته اسان کي آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊي ۾ موجود نورالهديٰ شاهه مان به اميد هئي ته اها صنم ماروي جي ناراضگي ختم ڪرڻ ۾ ضرور پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي جيڪو هن ڪري ڏيکاريو به آهي. سو اسان صنم ماروي ۽ احمد شاهه جي وچ ۾ ٿيل ٺاهه جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا.

اسان اهو به ڏٺوسي ته هڪڙا ماڻهو اهڙا به هيا جن هن ٻرندي واري واقعي ۾ پنهنجي حصي جو تيل هاري ان کي يعني نفرت کي وڌائڻ جو ڪم ڪيو ۽ اهي هاڻي ٺاهه ٿيڻ واري معاملي تي به خوش ناهن. جڏهن ته ان سڄي معاملي ۾ ڪي اهڙيون ڌريون به هيون جن هن باهه تي پاڻي وجهي ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان باهه وسائڻ وارين ڌرين سان تڏهن به گڏ هياسين ۽ هاڻي به گڏ آهيون. بهرحال صنم ماروي ۽ احمد شاهه واري هن واقعي مان جيڪڏهن سکڻ تي اچجي ته گهڻو ڪجهه سکڻ جو به مواد ملي ٿو. مثال طور تي هي واقعو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به اداري جي سربراهه کي پاڻ کي  آمر نه پر عوام جو خادم بڻجڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هر قيمت تي سڀني جي عزت نفس جو خيال رکڻ گهرجي. ٻيو ته ڪنهن به تڪرار ۾ انفرادي طور تي ڪو به ماڻهو جذباتي ٿي سگهي ٿو پر ادارن ۽ ادارن جي سربراهن کي نه پرسنل ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي جذباتي. ٻيو ته ڪنهن به معاملي ۾  اوهان ذاتي طور تي ڪنهن تي تنقيد ڪري سگهو ٿا پر تذليل جو اوهان کي حق ناهي. ٽيون ته توهان انفرادي طور تي ڪنهن به فرد کي سندس ڪوتاهي، ڪمزوري يا غلطي ٻڌائي سگهو  ٿا پر ان غلطي، ڪمزوري يا ڪوتاهي کي ڪنهن قوم تائين وٺي ويندا ته اهو قومي مسئلو به بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري ڪنهن به حڪمران يا اداري جي سربراهه کي ڪنهن قوم کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪنهن قوم ڪنهن جي مذهب، عقيدي، ثقافت يا معزز شخصيت کي نشانو بڻايو ويندو ته ظاهر آهي ته وڏو مسئلو ئي ٿيندو آهي. اسان جو اهو به خيال هوندو آهي ته جڏهن به ڪنهن ٺاهه يا معافي نامي يا ڳالهين ۾ اڳڀرائي يا پهل ڪرڻ جي نوبت اچي ته حڪومتن، رياستن ۽ ادارن کي پهل ڪرڻ گهرجي ۽ وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.سو اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه، آرٽس ڪائونسل جي معزز ۽ غير تڪراري شخصيت نورالهديٰ شاهه صاحبه صنم ماروي جي معاملي ۾ اڳڀرائي ڪئي ۽ پهل ڪري ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻيو اهو به سکڻ گهرجي ته ڪنهن به تڪرار ۾ ايترو به اڳتي نه وڌڻ گهرجي ۽ ايترو به گهٽ وڌ نه ڳالهائڻ گهرجي جو واپسي جا يا ڪنهن ٺاهه جا رستا ئي بند ٿي وڃن يا اهڙو به خراب نه ڳالهائجي جو اهو ڪڏهن به وسري نه سگهي يا هميشه شرمندگي جو باعث بڻجندو رهي.

 هن موقعي تي اسان احمد شاهه ۽ نورالهديٰ شاهه صاحبه کي اها به گذارش ڪنداسين ته جيڪي به اديب يا فنڪار يا صحافي آرٽس ڪائونسل جي انتظاميا يا عهديدارن سان ناراض آهن تن سان به ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مثال طور آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ علي بابا تي ٿيل پروگرام جي حوالي سان سينئر اديب محمد علي پٺاڻ جي شڪايت سامهون آئي هئي. اها شڪايت جيئن ته آرٽس ڪائونسل جي هڪ عهديدار بابت هئي ته اهو آرٽس ڪائونسل جو فرض آهي ته اها شڪايت ڪندڙ سان ڳالهائي سندس اعتراض کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن ڪير آرٽس ڪائونسل ڏانهن آڱر نه کڻي سگهي. چوڻ جو مطلب ته ادارن کي پرسنل نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪير پرسنل ٿئي ٿو ته اداري کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پر اسان وٽ حيرت اها آهي ته ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پرسنل ٿين ٿا جنهن جو وڏو مثال پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊ جو آهي جنهن  ۾اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد کي جڏهن کان اهم ذميواري ڏني وئي آهي ته هن ظاهر ظهرو طور تي پسند ۽ ناپسند جو جهان ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ فارميٽ جي ريڪارڊ هولڊر ۽ ورلڊ ڪلاس بيٽسمين بابر اعظم کي ئي ان فارميٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي جڏهن ته دنيا جا ۽ پاڪستان جا سڀ وڏا وڏا ڪرڪيٽر ان کي بابر اعظم سان زيادتي قرار ڏئي رهيا آهن پر عاقب جاويد کي ذاتي طور تي بابر اعظم سان مسئلو آهي ته هن ان کي ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت ان تي خاموش آهي. سو ادارن کي ۽ ادارن جي سربراهن کي وڏي دل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪجي ته اهي پرسنل نه ٿين.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو