اسلام ڪوٽ ڀرسان لنجا ۽ ٻوڙيپوٽا برادري ۾ جهيڙو، چار زخمي، هڪ نوجوان گم

Spread the love

اسلام ڪوٽ(ااحمدعلي سانگي )اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻوڙيپوٽا ۽ لنجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،ڪهاڙين ۽ لٺين جو آزادانه استمعال،ڪهاڙيون لڳڻ سبب ،لنجا برادري جا چار همراھ سخت زخمي،زخمين کي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو  ويو،متاثرن پاران  مخالف ڌر تي هڪ  نوجوان کي زخمي ڪري گم ڪرڻ جو الزام،انصاف جي گهر، تفصيل موجب:اسلام ڪوٽ ڀرسان لنجا برادري ۽ ٻوڙيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾َ ڪهاڙيون لڳڻ سبب لنجا برادري جا چار ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا جن ۾  بلاول لنجو،صديق،موليڏنو،،فضل الدين لنجو شامل آهن،سمورن زخمين کي جهانگرو  پوليس کان ليٽر ملڻ بعد اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو ويو،

انهي سلسلي ۾ متاثر ڌر جي علي حيدر لنجو،محمد اسلم دانهيندي الزام هڻندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ۾ ذاتي خرچ تي کوھ کوٽايل آهي جنهن مان اسين پنهنجي چوپايو مال کي پاڻي پياريندا آهيون ڀرواري ڳوٺ ڏاڀڙو جي ٻوڙيپوٽا برادري جا ماڻهو هر روز پنهنجون سوين ڍڳيون ڪاهي کوھ  تي اچي زبردستي  اسان جي چوپايو مال جو پاڻي ڍڳين کي پياريو ڇڏين ٿا اسان هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيندا هئاسين  ته هو گارگند ڪري ڌمڪيون ڏيندا هئا گذريل ڏينهن هۡو پلاننگ سان ڪهاڙيون ۽ لٺيون کڻي آيا جهيڙو ڪري اسان جي ماڻهن تي سڌا ڪهاڙين جا وار ڪري اۡنهن کي  سخت زخمي ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

جن کي اسان بيهوشي جي حالت ۾ کڻي آياسين هنن الزام هڻندي ڇيو ته مخالف ڌر جي صابر،قادر،پيارو،مير،مقبول ۽ ٻين جوابدارن  بيگناھ اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري هڪ نوجوان اشرف ولد الهداد لنجو  کي زخمي ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪوبه ڏس پيو نه آهي ته هو ڪٿي آهي زنده آهي يا کين ماري گم ڪيو ويو آهي اسان کي ڪابه خبر نه آهي  هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر کاان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي  گرفتار ڪري اسان جي گم ٿيل نوجوان کي ظاهر ڪرائي ڏيئي انصاف ڪيو وڃي،

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو