ٿرپارڪر ۾ گسٽا جو يوم سياح، اسڪولن ۾ ڪارا جھنڊا ۽ استادن جي احتجاج

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) گسٽا ضلعي ٿرپارڪر طرفان يوم سياح احتجاج طور جاري رکيو ويو جنهن ۾ ٿرپارڪر جي سڀني مڊل . سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ تدريسي عمل کي جاري رکندي اسڪولن تي ڪارا جھنڊا چاڙھي ۽  استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو  ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار طرفان تازو پينشن رفارمز نالي ڪارو قانون منظور ڪرڻ,

ڊي آر اي الائونس نه ڏيڻ, گروپ انشورنس رٽائرمينٽ جي ٽائيم ن ڏيڻ ۽ مھنگائي جي تناسب سان پگھارن ۾ مناسب واڌ نه ڪرڻ خلاف اھو احتجاج گسٽا سنڌ جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي   انھي ڪري ضلعي ٿرپارڪر جي سڀني سيڪنڊري استادن کي ھدايت ڪجي ٿي ته توھان گسٽا سنڌ جي حڪم تي پنهنجن اسڪولن ۾ تدريسي عمل کي جاري رکي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ آئندہ جي تحريڪ لاء تيار رھو انشاء الله سنڌ حڪومت کان پنھنجا حق ضرور وٺبا.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو