عمرڪوٽ ۾ مليريا ۽ ڊينگي خلاف آگاهي مهم شروع، صحت کاتي پاران احتياطي اپائن تي زور

Spread the love

ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) عمرڪوٽ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم شروع عمرڪوٽ ضلعي ۾ صحت کاتي پاران 11 آگسٽ کان 17 آگسٽ تائين مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ ڊاڪٽر وقار احمد ميمڻ جي هدايتن تي پوري صوبي ۾ جاري آهي. ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نهڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته مهم دوران اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين،

شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن کي احتياطي اپائن بابت آگاهي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته عوام مڇردانين جو استعمال ڪري، بيٺل پاڻيءَ ۾ تيل يا مٽي وجهي، درين ۽ دروازن تي جال لڳائي ۽ مڇرن ڀڄائڻ واري دوا استعمال ڪري. ڊاڪٽر محمد علي نهڙي جو چوڻ هو ته بخار يا علامتن جي صورت ۾ عورتون، ٻار ۽ حامله عورتون فوراً سرڪاري اسپتالن ۾ موجود مفت مليريا چڪاس ۽ علاج جي سهولتن مان فائدو وٺن.

عمرڪوٽ ضلعي جون 88 اسپتالون (68 سرڪاري ۽ 20 نجي) هن سهولت سان ليس آهن..مهم ۾ NRSP، PPHI ۽ ٻين ادارن سميت صحافتي برادري کان به سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن بيمارين کي روڪي سگهجي. مهم جي شروعاتي اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد افضل، نويد احمد جروار، علي نواز، ڀورالال ۽ ٻيا به موجود هئا.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو