ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ 40 هزار ايزي پيسا فراڊ، علائقي واسين جو ايس ايڇ او جي بدلي جو مطالبو

ملير ( ڊر )ملیر ميمڻ ڳوٺ ۾ ڦر جو عجيب واقعو، ٻه اڻڄاتل همراھ دڪان تان چاليھ هزار ايزي پئسا ڪرائي ڀڄي ويا، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي اين سي داخل ملير ميمڻ گوٺ جي مک روڊ تي موبائل دڪان مان 40 هزار رپين جو فراڊ ٿي ويو۔ تفصيل موجب گذريل ڏينهن شام 3 وڳي ٻن اڻڄاتل ماڻهو ميئڻ ڳوٺ ۾ نويد موبائل شاپ تي اچي دڪاندار کي ايزي پيسا وسيلي 40 هزار رپيا ٽرانسفر ڪرائي فرار ٿي ويا۔
ان سلسلي ۾ دڪاندار جي مدعيت ۾ اين سي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي۔ دڪاندار نويد کٽي صحافين کي ٻڌايو ته فراڊ ڪندڙ ماڻهو ايزي ڪيش جي نالي تي هڪ نمبر تي رقم موڪلڻ لاءِ چيو، جيئن ئي مون پئسا موڪليا ته هو ٻئي پئسا ڏيڻ بنا فرار ٿي ويا۔ ميمڻ ڳوٺ ۾ چورين ۽ ڦرجون وارداتون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته ٿاڻي جو ايس ايڇ او قربان بلوچ رشوت وٺڻ کان سواءِ ڪيس هلائڻ تي تيار ناهي۔ علائقي واسين آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو آهي
ته ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي فوري طور بدلي ڪري هڪ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن علائقي مان وڌندڙ ڏوهن جو خاتمو ٿي سگهي۔
آگسٽ 18, 2025