سڪرنڊ ۾ استادن جو احتجاج، پينشن ترميمون واپس وٺڻ ۽ تفاوت الائونس ڏيڻ جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ )استادن جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن، پينشن قانونن ۾ ترميمون واپس ورتيون وڃن، سنڌ جي ملازمن کي تفاوت الائونس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ  جي ايس ٽي اي سينٽر جي سڏ تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرو، قلم اڇلائڻ ۽ اعليٰ سرڪاري گهرن ڏانهن احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي  جي ايس ٽي اي جي مرڪزي صدر حاجي اشرف خاصخيلي جي سڏ تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهري جي اڳواڻي تعلقي جنرل سيڪريٽري لقمان ڪيريو ۽ گنشم داس ڪئي.  ان موقعي تي تعلقي جنرل سيڪريٽري لقمان ڪيريو، سينئر استاد ظفر راجپوت خطاب ڪندي چيو ته استادن جا جائز مطالبا فوري طور تي پورا ڪيا وڃن، پينشن قانونن ۾ ڪيل ترميمون واپس ورتيون وڃن ۽ سنڌ جي ملازمن کي به ٻين صوبن جي ملازمن وانگر تفاوت الائونس ڏنو وڃي. سيد مقبول شاهه، شڪيل خانزاده ۽ نورالدين ڪيريو پڻ ڳالهايو ۽ چيو ته استاد برادري پنهنجن حقن لاءِ متحد آهي، انهن جي مٿي تي تلوارون لٽڪائڻ سان تعليمي نظام متاثر ٿيندو، جيڪو استاد نٿا ڪرڻ چاهين. هن وقت تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ استاد پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته، جيڪڏهن گسٽا سينٽر اپيل ڪري ٿو، ته اهي قلم کان سواءِ به احتجاج ڪندا.

ان کان علاوه، جيڪڏهن ضرورت پئي ته، اهي وزير اعليٰ هائوس ۽ وزيراعظم هائوس جي سامهون به احتجاج ڪندا. شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته حڪومت استادن کي درپيش مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري ته جيئن تعليمي نظام متاثر نه ٿئي. ان موقعي تي جونيئر هيڊماستر اقبال چانڊيو، سينيئر استاد قمرالدين ڀٽي، عبدالقدوس سولنگي، اصغر ڏاهري، حيدر خانزادو، نصرالله گبول، نياز چانڊيو، منير ڪيريو، عبدالرحمان شيخ، ڪاشف هارون، نذير احمد مهر، الله بچايو کوکر، گلن محمد اڪرم ڄام راجپوت، گل محمد اڪرم راجپوت، نصرالدين راجپوت، ڪاشف هارون ۽ ٻيا موجود هئا. ريلي ۾ غني ميمڻ، ممتاز مشوري، شاهزيب راجپوت، رزاق راجپوت، نديم خاصخيلي، ناصر بيگ پيرل پياسي، قربان جمالي ۽ ٻين استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو