سڪرنڊ ۾ شاهين آئي ٽي هب ۾ جشنِ آزادي تقريب، شاگردن جا ملي نغما ۽ ٽيبلو پيش

سڪرند (رپورٽ: راج ڪماراوڏ )چيف ايگزيڪيوٽیو ڪنور حسان راشد جي نگراني ھيٺ ھلندڙ شاھين انفارميشن ٽيڪنالاجي ھب (شاھين آئي ٽي ھب) ۾ جشنِ آزاديءَ جي پروقار تقريب منعقد ٿي، الخدمت سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنور راشد مڪرّم جي صدارت ۾ ٿيندڙ ھن تقريب ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرند جو پرنسپل پروفيسر راؤ نورالامين خاص مهمان ھو۔
ان موقعي تي شاھین آئي ٽي ھب جي شاگردن ۽ شاگردياڻين آزاديءَ جي اھميت تي جذبات سان ڀرپور تقريرون، جوش سان ڀرپور ملي نغما ۽ سبق آموز ٽيبلو پيش ڪري پاڪستان سان محبت جو اظھار ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر نورالامين چيو ته شاھين آئي ٽي ھب جيئن ٿوري وقت ۾ بي مثال ڪارڪردگي ڏيکاري آھي، اھو بلاشبہ قابلِ تحسين آھي، اڄ جي پروگرام ۾ ٻارن جي اعتماد، تلفظ ۽ لفظن جي خوبصورت ادائيگي مونکي جج طور مشڪل ۾ وجھي ڇڏيو آھي ته ڪھڙي پوزيشن ڪھڙي ٻار کي ڏيان، بہرحال سڀئي ٻار انتهائي باصلاحيت آھن۔ ان موقعي تي وطنِ عزيز جي 78ھين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪٽیو ويو ۽ مٺائي ورھائي وئي۔
آگسٽ 18, 2025