سيتاروڊ ۾ شهيد غازي علي احمد پليپوٽو جي چوٿين ورسي، جونئير ذوالفقار ڀٽو ۽ ڪارڪنن پاران خراجِ عقيدت

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ڀٽوازم لاءِ پوري ڄمار وقف ڪندڙ شھيد ڀٽو پارٽي جو اڳوڻو صوبائي صدر شهيد قائد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو بهادر ساٿي شهيد غازي علي احمد پليپوٽو جي چوٿين ورسي تي سيتاروڊ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، مهمان خاص شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار فرزند جونئير ذوالفقار علي ڀٽو هئا ورسي تقريب کي خطاب ڪندي جونئير ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته شهيد علي احمد پليپوٽو منهنجي شهيد بابا جو بهادر ساٿي هو،
هن سڄي ڄمار پارٽي لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن تي فخر رهندو، ملڪ جي سموري غريب عوام، هاري، مزدور، شاگرد ۽ جدو جهد ڪندڙ عوام کي گڏ ڪري ملڪ مان هر ظالم عوام دشمن ڪرپٽ ڀٽو دشمن قوتن جو خاتمو ڪري اسلام آباد ۾ شهيدن جو ترنگو جهنڊو لهرائي ساھ پٽي ۽ عوام کي هر طرح جو انصاف فراھم ڪيو ويندو، ان موقعي تي پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي، غازي عبدالقادر ڪٻر، اڪبر خان جهيجو، قادر بخش ميمڻ، حماد گولڊن، دلمراد جتوئي، عيدن خان جتوئي، برڪت مير جت، ماما مجيد قريشي، جمال خان سوهو، ستار جروار، ڊاڪٽر جليل جروار، سومار قمبراڻي، جاويد لاهوري، لالا سرهيو، ولي محمد لاهوري، شهباز ڀٽو، عبدالغفار راڌڻ، صدام خان جتوئي، غلام النبي جمالي، بخشل خان جمالي سميت هزارين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪري علي احمد پليپوٽو کي خراج تحسين پيش ڪئي،
آگسٽ 18, 2025