ميھڙ لڳ ڪولاچي ۾ کوسو برادري جو تڪرار، عورتن جو گهرن تي قبضو ختم ڪرائڻ ۽ انصاف لاءِ دانھون

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ميھڙ لڳ ڪولاچي ويجھو ڳوٺ رملي کوسو جون پيرسن عورتون اميران، عجيبان، روبينا کوسو دادو پريس ڪلب پھچي دانھيو تہ اسين بي گھر آھيون، اسان جي گھرن جو الھ تلھ لٽي گھرن تي ھٿياربندن قبضو ڪري ورتو آھي، ڪجھ ڏينھن اڳ سنڱاوتي تڪرار تان لياقت کوسو، سعيد، جميل، مشتاق، ممتاز، عرفان، طالب، سڪندر کوسو ۽ ٻين ھٿياربندن ڪولاچي اسٽاپ تي اسان مسمات اميران، سون محمد کوسو، علي حسن کوسو، شعيب کوسو مٿان حملو ڪري گوليون ھڻي کين زخمي ڪيو،

علي حسن ۽ سون محمد کوسو لاڙڪاڻو اسپتال ۾ زير اعلاج آھن، ۽ شعيب کوسو کي ميھڙ پوليس مخالفن جي ڪوڙي فرياد تي گرفتار ڪري ورتو آھي جيڪو پڻ زخمي آھي، حملو بہ اسان جي ماڻھن تي ڪيو ويو، گھرن تي بہ قبضو ڪيو ويو آھي، الٽو پوليس حملي آورن کان رشوت وٺي ميھڙ پوليس ماڻھو بہ اسان جا گرفتار ڪيا آھن، عورتن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آھي تہ گھرن تان قبضو ختم ڪرائي لٽيل لکين روپين جو سامان 5 ٻڪريون واپس ڪرائي گرفتار شعيب کوسو کي آزاد ڪرائي ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي،

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو