سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ، 704 اميدوارن شرڪت ڪئي

ڄامشورو( رپورٽ :محمد وارث)سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اعلان ڪيو آهي ته تعليمي سال 2025ع تحت ايم فل جي 37 ۽ پي ايڇ ڊي جي 33 پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ تي ورتي وئي، جنھن ۾ 176 پي ايڇ ڊي اميدوارن سمي مجموعي طور 704 اميدوار شرڪت ڪندا. ٽيسٽ صبح جو ڏھين وڳي شروع ٿي . سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا ھئا .
ٽيسٽ ۾ مجموعي طور 704 اميدوار بھرو وٺندا، جن ۾ ايم فل جي 37 شعبن لاءِ 528 اميدوار ۽ پي ايڇ ڊي جي 33 شعبن لاءِ 176 اميدوار پنھنجي قسمت آزمائيندا. امتحاني سينٽرن جو انتظام ڪيمپس تي واقع مختلف شعبن اندر ڪيو ويو آهي، جن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۽ انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس شامل آهن. ھوڏانھن اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجن مقرر ڪيل ٽيسٽ سينٽرن جي تصديق ڪن، وقت کان اڳ پهچن ۽ ضروري دستاويز جهڙوڪ ايڊمٽ ڪارڊ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ سان گڏ لازمي کڻي اچن.
آگسٽ 17, 2025