”تنهنجو انداز برطانوي راڄ جي ياد ڏياري ٿو“ ليڊي ڊيانا جي نقل ڪرڻ تي عائزا تي تنقيد

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عائزا خان جا سوشل ميڊيا تي 14.6 ملين فالوئر آهن پر تازو ليڊي ڊيانا جي مشهور انداز کي اختيار ڪرڻ تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.
عائزا خان، جيڪا برطانيا مان اداڪاري ۾ ڊپلوما به ڪري رهي آهي، آزادي ڏهاڙي تي 1991 ۾ شوڪت خانم ڪينسر اسپتال لاءِ لاهور آمد دوران ليڊي ڊيانا جي مشهور سائي رنگ جي لباس ۽ اڇي رئي جو انداز اختيار ڪيو، اداڪارا هلڪي رنگ بدران گهري سائي رنگ ۽ اڇي رئي سان اهو لُڪ ٻيهر تخليق ڪيو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن اهو انداز اختيار ڪرڻ تي عائزا خان تي تنقيد ڪئي، ڪجهه چيو ته هوءَ ليڊي ڊيانا جي وقار ۽ شخصيت جي نقل نٿي ڪري سگهي.
ڪجهه واهپيدارن چيو ته اهو انداز برطانوي راڄ جي ياد ڏياري ٿو، جنهن کان پاڪستان آزادي حاصل ڪئي هئي.
هڪ واهپيدار لکيو ته اداڪار سدائين غلام رهندا، اهي انهن جي نقل ڪري رهيا آهن، جن کان اسان کي آزادي ملي، جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار چيو ليڊي ڊيانا حقيقي خوبصورت هئي ۽ عائزا مصنوعي خوبصورت نظر اچي رهي آهي.

آگسٽ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو