بلوچستان: اعتماد جو بحران
انساني حقن جو ڪميشن (HRCP) 1987ع ۾ اُنهن ماڻهن جي هٿان وجود ۾ آيو، جيڪي سڄي حياتي انصاف، آزادي ۽ انساني حقن جي جدوجهد ۾ سرگرم رهيا. انهن ۾ سپريم ڪورٽ جا جج جسٽس دراب پٽيل، بيباک وڪيل عاصمه جهانگير، عوامي حقن جا علمبردار ڊاڪٽر مبشر حسن، آزادي صحافت لاءِ پاڻ سڙندڙ صحافي آءِ اي رحمان ۽ حسين نقي، ترقي پسند استاد ڊاڪٽر مهدي حسن شامل هئا. انهن سڀني جو اصول اهو هو ته ڪنهن به مسئلي تي راءِ ڏيڻ کان اڳ پوري تحقيق ۽ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو ڪميشن پنهنجي قيام کان وٺي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فئڪٽ فائينڊنگ مشن موڪليندي رهي آهي ۽ هاڻي به هر اهم موقع تي متاثر علائقن جو جائزو وٺي حقيقتون قوم اڳيان رکي ٿي.
ايڇ آر سي پي پنهنجي موجوده چيئرمين اسد اقبال بٽ جي اڳواڻي ۾ تازو هڪ فئڪٽ فائينڊنگ مشن بلوچستان موڪليو، جيڪو 9 کان 12 جولاءِ 2025 تائين صوبي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري انساني حقن، شهري آزادي ۽ جاري آپريشنن جي اثرن جو جائزو وٺندو رهيو. انهي رپورٽ ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته رياستي رويي، خاص طور جبري گمشدگين، سياسي محرومي، شهري دائري جي گهٽجڻ ۽ صوبائي خودمختياري جي لتاڙ سبب بلوچستان ۾ سياسي افراتفري وڌي رهي آهي.
بلوچستان، جيڪو معدني وسيلن سان مالا مال آهي، پر جتي انصاف جو سايو ڪڏهن به پختي نموني محسوس نه ٿيو، اڄ به اعتماد جي بحران جو شڪار آهي. ايڇ آر سي پي جي رپورٽ ’’بلوچستان ۾ اعتماد جو بحران‘‘ هن حقيقت جو اعتراف به آهي ۽ هڪ دستاويز به، جنهن ۾ جبر، سياسي استحصال ۽ انساني الميي جي وڌندڙ ڇاپ جو احوال ملي ٿو. سڀ کان اهم نڪتو جيڪو رپورٽ ۾ نمايان ڪيو ويو آهي، اهو آهي جبري گمشدگين جو سلسلو، جيڪو عالمي انساني قانونن مطابق انسانيت خلاف ڏوهه آهي، پر پاڪستان ۾ هن کي ڄڻ ته هڪ رواجي حڪمت عملي بڻايو ويو آهي. بلوچستان پوليس جي فراهم ڪيل انگن اکرن موجب رڳو 2025ع ۾ 46 نوان ڪيس رجسٽر ٿيا، جڏهن ته ڪل 356 ماڻهن جي گمشدگي رپورٽ ٿي. انهن مان 116 واپس آيا، 12 پوليس مقابلي ۾ ماريا ويا، ۽ 192 اڃا تائين لاپتا آهن. پر رپورٽ چوي ٿي ته اهي سرڪاري انگ اکر به اصل حالتن کان گهٽ آهن. ڪيترن خاندانن کي نه رڳو انصاف کان محروم رکيو ويو، پر کين هراسان ڪيو ويو، سندن پيشورانه سڃاڻپ کسي وئي، يا کين مستقل نگراني، حراست ۽ ڌمڪين جو منهن ڏيڻو پيو.
ايڇ آر سي پي موجب، بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي تسليم ڪيو ته گمشدگيون مسئلو آهن، پر ان کي پيچيده ۽ تڪراري قرار ڏئي رياستي جبر کي هڪ متبادل سچائي طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت بلوچ مزاحمتي تنظيمن جهڙوڪ بلوچ لبريشن آرمي تي اغوا جا الزام لڳايا ويا، پر رپورٽ چوي ٿي ته انهن الزامن جي آزادانه تصديق ممڪن نه ٿي. گورنر جعفر خان مندوخيل جو بيان ته “جتي بغاوتون ٿينديون آهن، اتي گمشدگيون به ٿينديون آهن”، انهي رياستي سوچ کي وائکو ڪري ٿو، جيڪا انساني الميي کي جنگي حڪمت عملي بڻائي پيش ڪري ٿي.
رپورٽ ۾ بلوچستان ترميمي انسداد دهشتگردي ايڪٽ 2025 تي به شديد تنقيد ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪنهن به شهري کي بغير عدالتي نگراني جي 90 ڏينهن تائين قيد ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ خبردار ڪري ٿي ته هي قانون تشدد، ماوراءِ عدالت قتل ۽ بدسلوڪي لاءِ زمين هموار ڪري ٿو. ايڇ آر سي پي جو مطالبو آهي ته هن قانون کي فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ انسداد دهشتگردي جا سمورا قانون بين الاقوامي معيار سان هم آهنگ ڪيا وڃن. ساڳي ريت سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي محبت شاهه ڪيس واري فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ کي به ادارن جي احتساب کان ڀڄڻ ۽ عدالتي حڪمن کي لتاڙڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي. رپورٽ چوندي آهي ته قومي پرست جماعتن کي ڪنڊ ۾ هڻڻ، چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ رياستي مشينري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ماڻهن جو جمهوريت تان اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته جيڪڏهن رياست بلوچستان جي عوام جي شڪايتن جو شفاف، سياسي ۽ انساني حقن تي ٻڌل حل نه ڳولي، ته صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو آهي ته: جبري گمشدگين کي فوري طور ختم ڪيو وڃي 2022ع جي پاس ڪيل قانون تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. ناڪام ڪميشن آف انڪوائري کي ختم ڪري نئون مؤثر ڪميشن ٺاهيو وڃي. انسداد دهشتگردي جا قانون عالمي انساني حقن سان هم آهنگ ڪيا وڃن. انساني حقن جي محافظن کي تحفظ ۽ آزادي ڏني وڃي، 2000ع ۾ پاس ڪيل قانون تي به عمل ڪيو وڃي.بلوچستان ۾ صورتحال ايتري بگڙيل آهي جو هفتي کان عوام کي انٽرنيٽ کان محروم رکيو ويو آهي ۽ آمدورفت هميشه دهشتگردي جي خطري هيٺ آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسلام آباد جي حڪمرانن هن رپورٽ کي سنجيدگي سان وٺن، ته شايد بلوچستان ۾ اعتماد جي بحران کي ختم ڪري سگهجي.
ايڇ آر سي پي موجب، بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي تسليم ڪيو ته گمشدگيون مسئلو آهن، پر ان کي پيچيده ۽ تڪراري قرار ڏئي رياستي جبر کي هڪ متبادل سچائي طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت بلوچ مزاحمتي تنظيمن جهڙوڪ بلوچ لبريشن آرمي تي اغوا جا الزام لڳايا ويا، پر رپورٽ چوي ٿي ته انهن الزامن جي آزادانه تصديق ممڪن نه ٿي. گورنر جعفر خان مندوخيل جو بيان ته “جتي بغاوتون ٿينديون آهن، اتي گمشدگيون به ٿينديون آهن”، انهي رياستي سوچ کي وائکو ڪري ٿو، جيڪا انساني الميي کي جنگي حڪمت عملي بڻائي پيش ڪري ٿي.
آگسٽ 17, 2025