بينظير پبلڪ اسڪول فار گرلز ۾ 78هين يوم آزادي جي شاندار تقريب، شاگردياڻين جا شاندار پروگرام ۽ انعامن جي ورهاست

Spread the love

نوابشاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند )  بينظير پبلڪ اسڪول فار گرلز شھيد بينظيرآباد پاران پاڪستان جي 78 ھين يوم آزادي جي حوالي سان ھڪ شاندار تقريب اسڪول ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شھيد بينظيرآباد سيد ابرار علي شاهه ۽ اسڪول جي اڳوڻي پرنسپل امير بخش ڀٽي مھمان خاص طور شرڪت ڪئي تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ابرار علي شاهه، اڳوڻي پرنسپل امير بخش ڀٽي، پرنسپل محديہ محمود،

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد سليم ڀٽي ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪٽيو ويو جڏھن ته اسڪول کي پاڪستاني جھنڊين سان پڻ سينگاريو ويو ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ابرار علي شاهه، اڳوڻي پرنسپل امير بخش ڀٽي، پرنسپل محديہ محمود، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سليم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته اسان خوش نصيب قوم آھيون جو آزاد ملڪ ۾ رھي رھيا آھيون

ھي آزادي اسان کي الله تعالي طرفان ڏنل خاص تحفو آهي جنھن جو قدر ڪندي پنھنجي ملڪ کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻ لاء ھر ممڪن قدم کڻون ان موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين پاران تقريرون، ٽيبلوز ۽ ملي نغمہ پيش ڪيا ويا نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ مھمانن پاران سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش انعام ورهايا ويا تقريب ۾ اسڪول جي ٽيچرن بشير بٽ، ريحانہ ڪوثر،مسرت حنا، قرت العين سميت اسڪول جي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو