مٺي ۾ ’ٿر آزادي آرٽ ميلا‘ جو شاندار انعقاد، شاگردن جا فنون ۽ مقابلا نمايان

مٺي (ڊ-ر) شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو ۽ ڊي سي ٿرپارڪر پاران مٺي جي جئمخانه ڪلب گڍي ڀٽ ۾ ’ٿر آزادي آرٽ ميلا‘ جو انعقاد ڪيو ويو. آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪه حق جي ٻن هفتن وارين جشن آزادي جي سلسلي ۾ 14 آگسٽ 2025ع تي ٿر آزادي آرٽ ميلا جو ڪامياب انعقاد ڪيو ويو. اها تقريب وائيس چانسلر جي هدايت تي فوڪل پرسن چندر ڪمار جي نگراني ۾ فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وقف ٽيم پاران منعقد ڪئي وئي.
آرٽ ميلا ۾ ڪميونيڪيشن ڊيزائن، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، فائن آرٽس، آرڪيٽيڪچر، ۽ سيرامڪس جي شعبن پاران هڪ شاندار آرٽ نمائش پيش ڪئي وئي. آرٽ سرگرمين ۾ هي شامل هيون: ٽائي اينڊ ڊائي جو مظاهرو. فيس پينٽنگ مٽيءَ جي هنر جو مظاهرو ملي نغما پيشظڪيا ويا. ان کان علاوه، ضلعي سطح جي آرٽ مقابلن ۾ ٿرپارڪر جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن وڏي جوش سان حصو ورتو. مقابلا ٽن حصن ۾ منعقد ڪيا ويا. فاتحن کي سندن صلاحيت ۽ تخليق جي اعتراف ۾ روڪ انعام، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
تقريب ۾ ڪيترائي ناميارا مهمان موجود هئا جن ۾ ميونسپل چيئرپرسن مسٽر منوج مالاڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي ڊاڪٽر اشرف عمير، چيف ميونسپل آفيسر مسٽر سعيد بروهي، اين اي ڊي يونيورسٽي ٿر ڪيمپس جا نمائندا پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم ڀٽو، 1122 ريسڪيو سينٽر جا نمائندا مسٽر وشال مهيشوري، ان سان گڏ شاگرد، مقامي رهاڪو، ۽ ضلعي جي مختلف علائقن جا ماڻهو شامل هئا.
آگسٽ 16, 2025