اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب مال مويشي هلاڪ، ڳوٺاڻن کي وڏي نقصان جو منهن

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي)اسلام ڪوٽ ۽ آسپاس ھلڪي ھلڪي برسات،وڄ ڪرڻ 45 ٻڪريون مري ويون،انھي سلسلي ۾ گذريل ڏينھن شام داري اسلام ڪوٽ شھر سميت آسپاس جي ڳوٺن تي گجگوڙ سان ھلڪي ھلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو،
جنھن سبب ڳوٺ شهمير وڪيا ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڀاڳين جعفر وڪيو ۽ سائينداد جون 45 ٻڪريون مري ويون،جڏهن ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ تگوسر ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪڙو اُٺ مري ويو،اسلام ڪوٽ جي لنجا ڪالوني ۾ وڄ ڪرڻ سبب ھڪ گابو مري ويو،
آگسٽ 16, 2025