ڏکڻ آفريڪا خلاف فيصلائتي دنگل ۾ ميسڪويل ميدان ماري ورتو، ميچ ۽ سيريز آسٽريليا جي نانءُ

Spread the love

ڪينز (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-2 سان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيولڊ بريوس 53 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته راسي وين ڊر ڊوسن 38، ٽرسٽن اسٽبس 25، لوانڊري پريٽوريس 24 ۽ ريان رڪلٽن 13 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ آسٽريليا سخت مقابلي کانپوءِ 19.5 اوورن گهربل هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي.
آسٽريليا جي گلين ميڪسويل 36 بالن تي 62 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان مچل مارش 54، ٽرويس هيڊ 19 ۽ ٽم ڊيوڊ 17 رنسون ٺاهيون.
ميچ وننگ اننگز کيڏڻ تي گلين ميڪسويل ميچ ۽ ٽم ڊيوڊ کي مجموعي طور تي ٽنهي ميچن ۾ 150 رنسون ٺاهڻ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو