نواب شاهه ۾ چهلُم امام حسينؑ جي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي ۽ سهولتن جو جائزو

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ:عبدالفتاح رند )  ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار سان گڏجي نواب شاهه ۾ چهلُم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي نڪرندڙ ماتمي جلوسن جو دورو ڪيو۔ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سيڪيورٽي انتظامن،

صفائي جي صورتحال، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو۔ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي عزادارن ۽ منتظمين سان ملاقات ڪري انتظامن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي۔ان موقعي تي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چيو ته چهلُم جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا جوان پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن۔

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جلوسن ۽ مجلسن جي نگراني سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي پڻ ڪئي پئي وڃي۔ ان موقعي تي جلوس جي منتظمين ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو