سيوھڻ ۾ جشن آزادي ريليون، قومي نعرا ۽ شهيدن کي خراج عقيدت

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) پوري ملڪ پاڪستان سميت ضلع ڄامشورو جي سب ڊويزن سيوھڻ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ جشن آزادي مبارڪ جو ڏينھن وڏي شان ۽ مان سان ملھايو ويو ، ان سلسلي ۾ ڀان سيدآباد جي جماعت اهلسنت الجماعت طرفان جشن آزادي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي ويئي،مدرسہ عربيہ فيض العلوم ڀان سيدآباد کان جشن آزادي جي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عوام قومي جهنڊا کڻي شرڪت ڪئي،ريلي مولانا خدابخش بروهي، حافظ عبدالجبار عطاري، مولوي غلام محي الدين عطاري،
حافظ نظام الدين ڀلائي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو،ريلي دوران قومي نغما ڳائي ملڪ جي آزادي جي خوشي ۾ نعرا هنيا ويا،ريلي دوران پاڪستان زنده آباد ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ پڻ نعرا هنيا ويا،اڄ پوري ملڪ ۾ آزادي جو جشن ملهايو پيو وڃي، ھن ريلي جي اڳواڻن جو چوڻ ھئو تہ ملڪ لاء جان جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا
،شهيدن جي قربانين سبب ئي اسان جي ملڪ کي آزادي ملي،پاڪستان پرامن ۽ محبت ڪندڙ ملڪ آهي،جشن آزادي جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ جشن ملهائڻ سان اهو پيغام ملي ٿو تہ پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پاڪ فوج سان گڏجي ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين.
آگسٽ 15, 2025