ملير ۾ نيشنل پارٽي جو اجلاس، عوام دشمن منصوبا ختم ڪرڻ ۽ زرعي زمينن جي ليز تجديد جو مطالبو

ملير (ڊر ) نيشنل پارٽي ملير جو اجلاس، مير غوث بخش بزنجو ۽ حاصل خان بزنجو جي سالگرهه 20 آگسٽ تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائڻ جو اعلان، ملير ۾ عوام دشمن منصوبن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، زرعي زمينن جي ليز کي تجديد ڪري مقامي ماڻهن کي الاٽ ڪيو وڃي. سائين اسلم بلوچ تفصيل موجب نيشنل پارٽي ملير جو اجلاس ملا عيسيٰ ڳوٺ ۾ سينٽرل ڪميٽي ميمبر سائين اسلم ابراهيم بلوچ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي فنانس سيڪريٽري فدا حسين دشتي خاص مهمان هو.
اجلاس ۾ نيشنل پارٽي جي اڳواڻن مير غوث بخش بزنجو ۽ حاصل خان بزنجو جي سالگرهه 20 آگسٽ تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ڪرڻ ۽ ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مجيد ساجدي کان علاوه، مبارڪ علي بلوچ، ايوب قريشي، حبيب بلوچ سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي نيشنل پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ميمبر اسلم ابراهيم بلوچ چيو ته ملير جي زرعي زمينن تي رهائش ۽ ماحول دوست منصوبا ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن.
سنڌ حڪومت کي ماحول دشمن منصوبا ختم ڪرڻ گهرجن. زرعي زمينن جي ليز جي تجديد، ملير ۾ قائم خانگي صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ پراڻن مقامي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي ۽ کير ٿر نيشنل پارڪ مان معدنيات ڪڍڻ جو عمل مڪمل طور تي بند ڪيو وڃي.
آگسٽ 15, 2025