سنڌ ۾ منشيات جو وڌندڙ ڪاروبار
سنڌ ۾، هن وقت جيڪي به برايون ڏسجن ۽ ٻڌجن ٿيون، سي سڀئي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ ۾ وياج خوري، اقرباپروري، ميرٽ جي لتاڙ، ملاوت، ذخيره اندوزي، هٿرادو مهانگائي، رشوت، ڪرپشن، خونريزي، قبائلي جهيڙا، ملڪيتن تي قبضا، ادارن جي تباهي، چوريون، ڦرون ۽ اغوا جهڙا سنگين ڏوهه روز جو معمول بنجي چڪا آهن. جن تي ضابطو اچي ڪونه سگھيو آهي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ منشيات جو ڪاروبار تيزي سان وڌي ويو آهي. روزانه اخبارن ۾ اچي ٿو ته نشي جا موالي هر هنڌ پنهنجو ديرو ڄمائي ويٺا آهن. جيڪي ڦٽل جاين، قبرستانن ۽ فصلن ۾ ٽولن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن ڪري معاشري تي ناڪاري ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن. اهو، حال رهيو ته، هتي صحتمند معاشرو هرگز قائم ٿي نه ٿو سگھي. بيمار معاشرو دنيا ۾ ترقي به ڪري ڪونه ٿو سگھي. سنڌ ۾ خاص ڪري نوجوان طبقو نشي جو عادي ٿي رهيو آهي ۽ نشي جو موالي ٿيندو پيو وڃي. جنهن مان جان ڇڏائڻ به ڏاڍو مشڪل آهي.
ياد رهي ته، هن وقت سنڌ ۾ هر قسم جو نشو ڪيو پيو وڃي. ڀنگ، چرس، آفيم، گٽڪو، ٺرو (ڪچو شراب)، هيرون، صمد بونڊ، مين پڙي ۽ زيڊ 21 نشي جا موالي وڌي رهيا آهن. پر، انتظاميه خاموش آهي. انهن جي خلاف ڪوبه قدم ڪونه ٿي کڻي. موالين کي نشو ڪرڻ کان روڪيو ڪونه ٿو وڃي. جنهن ڪري انهن جو من وڌندو پيو وڃي ۽ آزاديءَ سان نشي آور شيون استعمال ڪري رهيا آهن. کين ڪوبه ڊپ ڊاءِ ڪونه ٿو ٿئي. هو، بيپرواهه بادشاهه بنيل آهن. زماني جي کين ڪابه خبر چارڪونه آهي. ڪيترائي موالي پنهنجي گھر ته وڃن ئي ڪونه ٿا. بس، نشو ڪرڻ کان پوءِ فوٽ پاٿ تي به سمهيو رهن. اهڙا نشائي، هميشہ نشي ۾ ڌت هوندا آهن. کين اهو احساس ڪونه ٿو ٿئي ته هو ڪٿي ستا پيا آهن. وري جڏهن سندن نشو ختم ٿئي ته اٿيو ويهو رهن. صفائي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿا ڏين. وار مٽي سان ڀريا پيا هوندا اٿن. ننهن وڏا ٿيو وڃن ٿا. ڏاڙهي به وڌيو وڃين ٿي. ان صورتحال ۾ به مڙئي خير آهي. ٻارن ٻچن، والدين ۽ گھرڀاتين کي به ياد ڪونه ٿا ڪن. مطلب ته هو، دنيا کان مڪمل طرح ڪٽيل، ڌار ۽ الڳ آهن. ڪمائڻ کان به ڪيٻائيندا رهن ٿا. بس، پن تي گذر سفر پيا ڪن. ڪي وري نشو کٽڻ جي صورت ۾ چوريون به ڪندا آهن. جنهن ڪري بدامني وڌي رهي آهي. ڏوهن ۾ اضافو پيو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو ماحول تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. اسان جو ماحول بدبودار ٿيندو پيو وڃي. جنهن تي جيتري به ڳڻتي ڪجي سا نه هئڻ جي برابر آهي. نشو، هڪ مهذب قوم لاءِ وڏو داغ آهي. تهذيب يافته قوم لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ۽ عمل ڪونه آهي. اهو، تباهي ۽ برباديءَ جي نشاني آهي. مذهبي لحاظ کان به نشو نه ڪرڻ لاءِ سختي سان حڪم جاري آهن. اسلامي تعليمات ۾ اها ڳالهه موجود آهي جيڪا واضح لفظن ۾ لکيل آهي جنهن تي عمل ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي. حقيقت ۾ نشو زندگي کان بيزاري آهي ۽ ان کي خودڪشي ڪرڻ جي مترادف سمجهيو وڃي ٿو. بهرحال نشو حرام ۽ ناجائز آهي. جنهن کان هر هڪ کي پاسو ڪرڻ گھرجي.
هونئن ته، ڪيترن ئي قسمن جا نشا مختلف طريقن سان ڪيا وڃن ٿا. اهي سمورا نشا، انساني صحت لاءِ مٺو زهر آهن. پر، سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ نشو “ آئيس” جو آهي. جيڪو ماڻهو کي ڳاري ۽ کوکلو ڪري ڇڏي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ “ آئيس” جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي. جيڪو سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي ويو آهي ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ دستياب هئڻ ڪري سولائي سان حاصل ڪري سگھجي ٿو. ان کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪابه دقت محسوس ڪونه ٿي ٿئي. موالين لاءِ اها سهولت ٿي پئي آهي. آئيس وڪرو ڪندڙ خوب پئسو ڪمائي رهيا آهن. اهو ڪاروبار وڌندڙ آهي. وڏا، وڏا ڊيلر آئيس وڪرو ڪرڻ جي ڪاروبار تي لهي پيا آهن. ۽ نوجوانن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. هاڻ ته ننڍي عمر وارا ڇوڪرا به اهو نشو ڪندا وتن. اهي اڳ ۾ زيڊ 21، گٽڪو، مين پڙي، سوپاري جهڙو نشو ڪندڙ آهن. ويتر هن نشي سندن اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي. منشيات فروشن جي خلاف، انتظاميه ڪوبه قدم ڪونه ٿي کڻي. انهن کان ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي. جنهن ڪري اهو نشو عام ٿي ويو آهي. مون کي اهو به معلوم ٿيو آهي ته، ڪي شاگرد به نشو ڪن ٿا. استادن تي ڪهڙي معيار ڏجي ڪجهه استاد به نشو ڪري رهيا آهن. پر، اڃا انهن جو تعداد گھٽ آهي. اهي ٿورڙائي ۾ آهن. چوڻ جو مطلب ته، نشو هاڻ تعليمي ادارن ۾ به ڪيو پيو وڃي. اها اڃا شروعات آهي. پر، اهو خطرو اٿئون ته، ادارن ۾ ان جو دائرو وڌي نه وڃي. اهو، اتي وڌڻ سان قومي نقصان ٿيندو. جيڪو اسان جي تباهي جو باعث بنجي سگھي ٿو. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سموري نشي کي روڪڻ لاءِ ڇو نه ٿا قدم کنيا وڃن. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته نشي آور شيون وڪرو ڪندڙن جو پوليس سان ڳٺ جوڙ آهي. پوليس منشيات فروشن کان پئسا وٺي رهي آهي. منٿليون وٺي پئي. جنهن ڪري مذڪوره واپارين کي ڪابه ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه ٿو ٿئي. ڪنڊياري جي نمائندي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته، آئيس نشو افغانستان مان اچي ٿو. جيڪو بلوچستان مان ٿيندو سنڌ ۾ پهچي ٿو. جن شهرن ۾ ريلوي ٽريڪ آهي. انهن شهرن ۾ ريل گاڏين ذريعي آئيس سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه مختلف بسن جي ڳجهن خانن ۽ گاڏين ۾ عورتن کي ويهاري به آئيس هڪ شهر مان ٻئي شهر تائين منتقل ڪئي وڃي ٿي. اهو ڪم ننڍن ٻارن کان به ورتو پيو وڃي. ظاهري ڳالهه آهي ته افغانستان کان سنڌ تائين اهو نشو ڪنهن جي سرپرستي ۾ پهچي ٿو. ان متعلق ڪا حتمي راءِ ڏيئي نه ٿي سگھجي. بهرحال انتظاميه اهڙن خفيه هٿن کان بخوبي واقف آهي.
اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته، انسپيڪٽر جنرل پوليس ( آءِ جي صاحب) نشي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي دفعا بيان ڏنا آهن ۽ چيو اٿس ته، سنڌ مان نشو مڪمل ختم ڪيو ويندو ڪوبه نشي جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ موالي ڳولي به ڪونه لڀندو. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٽاسڪ فورس جوڙي آهي. پر، مذڪوره نشو بند ٿي نه سگھيو آهي. ٽاسڪ فورس به ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته، پوليس انتظاميه، ان ڏوهه ۾ ملوث افراد کان رشوت نه وٺي ۽ سختي ڪري ته سنڌ مان نشو ڪافي حد تائين گھٽجي ويندو. ان حوالي سان پوليس کي سخت ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صرف پوليس کي سچائي، صداقت ۽ ايمانداري ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. اميد ته گھربل نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا. پر، هتي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته، پوليس جا ڪيترائي اهلڪار سگريٽ کان وٺي سمورو نشو ڪن ٿا. اهي پوليس وارا ٿوري تعداد ۾ آهن. حڪومت کي اول انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. کين نشي ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ نشي جي آڙ ۾ جيڪا رشوت ورتي وڃي ٿي يا منٿليون ورتيون وڃن ٿيون اهي نه وٺڻ گھرجن ته موالين جو ڪافي زور ٽٽي ۽ گھٽجي ويندو. منشيات فروشي جي ڪاروبار کي به وڏو ڌڪ لڳندو. ان واٽ ۾ پوليس کي مثبت ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آئون، هن مضمون جي آخر ۾ اها گذارش ٿو ڪريان ته، سنڌ مان هر قسم جي نشي جو خاتمو ڪيو وڃي. نشو بند ڪرائي انساني زندگيون بچايون وڃن. معاشري کي صحتمند بنائڻ لاءِ نشو بند ڪرڻ لازمي آهي. منشيات فروشن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ گھرجي. سڄي سنڌ ۾ نشو تيزي سان وڌي رهيو آهي. قوم جي گھڻگھرن، خيرخواهن، سڄڻن ۽ ساڃاهه وند شخصيتن کي ان ڳالهه تي سخت فڪر ۽ تشويش آهي. سندن چوڻ آهي ته هر قسم جو نشو خودڪشي جي برابر آهي. نشي جو عادي ماڻهو ذهني مريض ٿيو وڃي ٿو. پوءِ، هو نشو ڪرڻ ڇڏي نه ٿو سگھي. گھر جا ٽپڙ ۽ سازوسامان کپائي به نشو ڪري ٿو. ميڊيا رپورٽ موجب ارڙهن کان پنجويهن سالن جي ڄمار جا نوجوان مذڪوره نشو واپرائڻ جي ڪري فوت ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري انهن جي والدين جا خواب اڌورا رهجيو وڃن ٿا. اڻپورا ۽ ناممڪن ٿيو وڃن ٿا. والدين کي ڏک ڏيئي پاڻ وڃيو آرامي ٿين. سندن وڇوڙي جا وڍ، والدين کي ڏاڍو مايوس ۽ پريشان ڪن ٿا. سڀني کي خبر آهي ته والدين کي اولاد ڪيترو پيارو هوندو آهي. جنهن جي باري ۾ مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگھان. هن وقت جيڪا صورتحال ڏسجي ٿي ته، وس واريون اختياريون منشيات کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ جي معاملي ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪيون آهن. وس وارا آفيسر به ان سلسلي ۾ هيل تائين ڪجهه به ڪونه ڪري سگهيا آهن. انهيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي. ان باري ۾ ڪابه خبر ڪونه اٿئون. اصل حقيقت ته اهي ئي ٻڌائي سگھن ٿا. عام ماڻهو ته بي خبر بنيل آهي. وري به اختيارين کي گذارش آهي ته، خدارا هن قوم تي رحم ڪريو ۽ هن ڏس ۾ موزون، معقول ۽ مناسب قدم کڻي، منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث هٿن ۽ موالين جي خلاف ڪارروائي ڪري سنڌ کي نشي کان پاڪ و صاف ۽ شفاف ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو
آگسٽ 15, 2025