بلوچستان ۾ شام 5 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت صوبي ۾ رات جي وقت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
فيصلي تحت هاڻ سڄي صوبي ۾ روڊن تي شام 5 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين عوامي ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت نه هوندي، پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين جا روٽ پرمٽ رد ڪيا ويندا.
اهو فيصلو صوبائي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ محمد حيات ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو.
ٽرانسپورٽرن کي گاڏين ۾ ٽريڪر لڳائڻ، سيڪيورٽي گارڊ رکڻ ۽ حڪومت جي سمگلنگ روڪ پاليسين تي عمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو