يوٽيليٽي اسٽورن جي بندش سان لکين ماڻهو بي روزگار ٿيا آهن، حڪومت جواب ڏئي: آصفه ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان يوٽيليٽي اسٽورن جي بندش جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته يوٽيليٽي اسٽورن جي بندش جو حڪومتي فيصلو افسوسناڪ آهي، ان سان لکين ماڻهو بيروزگار ۽ انهن جا خاندان متاثر ٿيا آهن.
هن چيو ته اها ناانصافي آهي ۽ اسان حڪومت کان ان تي جواب طلب ڪيون ٿا، حڪومت کي درخواست آهي ته ان فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، وفاقي حڪومت معاملي تي ڌيان ڏئي، اهو ماڻهن جي معاشي مستقل جو معاملو آهي.