ڇا اسان واقعي آزادي جي اصل مقصد تي عمل ڪيو آهي؟
پاڪستان 1947ع هڪ اهڙي خطي ۾ قائم ٿيو، جتي سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي اختلاف گهڻا هئا، پر آزادي جي تصور ماڻهن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيو. اڄ به جڏهن قوم 14 آگسٽ جو جشن ملهائي ٿي، ته اها پنهنجي اندروني تڪرارن، سياسي ڇڪتاڻن ۽ معاشي بحرانن جي باوجود هڪ قومي سڃاڻپ جو اظهار ڪري ٿي. پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي آزادي جي اصل مقصدن کي سمجهي انهن تي عمل ڪيو آهي؟ ڇا ملڪ جي سياسي قيادت، ادارن ۽ عوام آزادي جي ان فڪري بنياد کي زنده رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، جنهن تي پاڪستان جو قيام ٿيو هو؟ اسان کي ان تلخ حقيقت کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي ملڪ ڪيترن بحرانن ۾ گهريل آهي. معاشي بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي، سياسي عدم استحڪام، قانون جي حڪمراني جي کوٽ ۽ سماجي اڻبرابري اڄ به ملڪ کي گهيرو ڪري بيٺي آهي. هڪ طرف شهرن ۾ رستن کي جهنڊن، بتيون ۽ بينرن سان سينگاريو وڃي ٿو ته ٻئي طرف ڳوٺن ۽ پسمانده علائقن ۾ ماڻهو صاف پاڻي، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن. جشن جي خوشين ۾ اهي آواز دٻجي وڃن ٿا، جيڪي هر روز جي زندگيءَ ۾ ناانصافين جي شڪايت ڪن ٿا.
14 آگسٽ واري ڏينهن ملهائڻ سٺو عمل آهي، پر اصل جشن تڏهن مڪمل ٿيندو، جڏهن هر شهري پنهنجي ملڪ ۾ عزت، تحفظ ۽ خوشحالي سان جيئڻ جو حق حاصل ڪري. پاڪستان جي قيام جو هڪ وڏو مقصد اهو هو ته هتي اسلامي اصولن تي ٻڌل هڪ اهڙو معاشرو قائم ٿئي، جتي عدل، برابري ۽ اخوت جو راڄ هجي. بدقسمتي سان، اٺهتر سالن کان پوءِ به اسان جو نظام ان خواب کان پري بيٺل آهي. اسان جي سياسي تاريخ ۾ فوجي آمريت، غير جمهوري حڪومتي ڍانچا، ڪرپشن، ۽ ذميواريءَ کان فرار جهڙيون بيماريون گهڻي عرصي تائين غالب رهيون آهن، جن آزادي جي حقيقي روح کي ڪمزور ڪيو. آزادي جو جشن ملهائڻ سان گڏ اسان کي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا اسان جون پاليسيون ۽ عمل آزادي جي ان مقصد سان سلهاڙيل آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي بانيڪارن رکيو هو؟ ڇا اسان جو تعليمي نظام اهڙو آهي، جيڪو شعور، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فڪري ترقي کي هٿي ڏئي؟ ڇا اسان جو سياسي ماحول اهڙو آهي، جتي مخالف خيالن جو احترام ڪيو وڃي ۽ سياسي اختلاف کي دشمني ۾ نه بدلايو وڃي؟ ڇا اسان جو معاشي ڍانچو اهڙو آهي، جيڪو هر شهري کي برابري جي موقعن سان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏئي؟
اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته آزادي صرف سياسي خودمختياري جو نالو ناهي، پر اها اقتصادي ۽ سماجي خودمختياري به گهرندي آهي. هڪ اهڙي قوم جيڪا قرضن تي گذارو ڪري، جيڪا پنهنجي معاشي پاليسين ۾ آزاد فيصلا نه ڪري سگهي، جيڪا عالمي دٻاءُ ۽ طاقتور ملڪن جي حڪم تي هلي، اها ڪهڙي حد تائين حقيقي طور آزاد سڏي سگهجي ٿي؟ اسان جي معيشيت جو عالمي مالياتي ادارن جي رحم و ڪرم تي هجڻ ۽ سياسي قيادت جو مختصر مدي واري سياسي فائدن لاءِ ڊگهي مدي وارا قومي مفاد نظرانداز ڪرڻ، آزادي جي فڪر کي سخت نقصان پهچايو آهي.اهڙي ئي صورتحال بين الاقوامي سياست ۾ به آهي. پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي عالمي طاقت جي سياست جو حصو رهيو آهي. ڪڏهن سوويت يونين جي خلاف آمريڪي بلاڪ ۾ شامل ٿي، ڪڏهن افغانستان جي جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻجي، ۽ هاڻي خطي ۾ نوَن سياسي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. آزادي جي جشن جي موقعي تي اسان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪيتري حد تائين آزاد آهي ۽ ڪيتري حد تائين ٻاهرين طاقت جي حڪمت عمليءَ جي پابند آهي.
14 آگسٽ جو ڏينهن پاڻ سان گڏ هڪ سنجيده فڪري ۽ عملي محاسبي جو مطالبو به آڻي ٿو. آزادي جي حفاظت ۽ ان جي مقصدن جي تڪميل لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عوام کي پنهنجو سياسي شعور وڌائڻو پوندو، ته جيئن هو صحيح ۽ ايماندار قيادت چونڊي سگهن. تعليم، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان کي نوجوانن کي اهو سيکارڻو پوندو ته جشن صرف جهنڊا لڳائڻ ۽ آتشبازي ڪرڻ سان نٿو ملهائجي، پر ملڪ لاءِ محنت، ايمانداري ۽ قربانيءَ سان به ملهائجي ٿو. پاڪستان جو مستقبل تڏهن روشن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان ماضي جي غلطين مان سکون ۽ انهن کي نه ورجايون. جڏهن هر شهري پاڻ کي ملڪ جو ذميوار ۽ فعال حصو سمجهي، ۽ جڏهن حڪمران طبقو ذاتي مفادن بدران قومي مفاد کي اوليت ڏي. جشنِ آزادي جو حقيقي پيغام اهو آهي ته اسان هڪ اهڙو ملڪ بڻايون، جيڪو پنهنجي ماڻهن کي نه صرف سياسي پر اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي طور به آزادي ڏئي. اسان کي اهو عزم ڪرڻو پوندو ته ايندڙ سال جڏهن 14 آگسٽ جو جشن ملهائجي، تڏهن اسان وٽ صرف خوبصورت تقريبون ۽ سجاوٽون نه هجن، پر اسان جو ملڪ عملي طور به انهن مقصدن جي ويجهو پهتو هجي، جن لاءِ اهو قائم ٿيو هو. آزادي جي حفاظت ۽ ان جي مڪمل ثمرن جو حصول اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ۽ هي ذميواري تڏهن پوري ٿيندي، جڏهن هر شهري پنهنجي حصي جو فرض نڀائيندو. اهو ئي حقيقي جشنِ آزادي هوندو.
آگسٽ 14, 2025