معصوم ٻارن جي امڙين سان اخلاقيات تي بحث نه ڪيو، ڇو ته پوءِ مائرون به ادب احترام وساري سگهن ٿيون: زارا نور

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا زارا نور عباس طرفان ننڍن ٻارن جي تربيت ۽ مائرن تي تنقيد جي حوالي سان ڪيل انسٽاگرام اسٽورين کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو .
زارا نور عباس پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته هوءَ هڪ ريسٽورنٽ ۾ هئي، جتي سندس ڌيءَ خوشيءَ ۾ رَڙ ڪئي ته ڀرسان ويٺل هڪ عورت پهرين هن کي چتائي ڏٺو، ۽ ٻيهر ڌيءَ رڙ ڪئي ته ساڳئي ميز تي ويٺل هڪ مرد سندس ڌيءَ کي ”چپ“ ڪرائي ڇڏيو، جنهن تي هن کي مداخلت ڪرڻي پئي.
هن ٻڌايو ته ٻي ميز تي ويٺل گروپ چيو ته سندس ڌيءَ کين تنگ ڪري رهي آهي، انڪري هن کي ريسٽورنٽ ۾ نه آڻڻ گهرجي ها ۽ ٻار کي بنيادي اخلاقيات سيکارڻ گهرجي.
اداڪارا موجب، جڏهن هن پڇيو ته ڇا سندن پنهنجا ٻار آهن، ته جواب ۾ ”نه“ چيو ته پوءِ هن کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ننڍڙا ٻار ڄاڻي واڻي ائين ناهن ڪندا ۽ ٻارن سان ٻاهر وڃڻ ڏکيو هوندو آهي.
اداڪارا موجب، گروپ طرفان کيس صلاح ڏني وئي ته جڏهن ٻار رڙيون ڪري ته کيس ريسٽورنٽ مان نڪري وڃڻ گهرجي.
زارا چيو ته سندن وچ ۾ لڳ ڀڳ 15 منٽ بحث هلندو رهيو، جنهن کانپوءِ ريسٽورنٽ جي مئنيجر اچي معافي ورتي ۽ نيٺ اهو گروپ هليو ويو.
اداڪارا افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته ” ريسٽورنٽ ۾ موجود ٻين ماڻهن فقط ڪنڌ ورائي ڏٺو، پر ڪنهن به سندس حمايت ۾ آواز نه اٿاريو.“
هن لکيو ته ماڻهن جي اها بي حسي ظاهر ڪري ٿي ته اسان هڪ سماج طور مري چڪا آهيون.
هڪ ٻي اسٽوري ۾ زارا نور عباس اهڙن ماڻهن کي خبردار ڪيو جيڪي ٻارن کانسواءِ فيملي ريسٽورنٽس ۾ کائڻ ايندا آهن ته ”ٻار، ٻار هوندا آهن، ۽ معصوم ٻارن کي سنڀالڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، تنهنڪري اهڙن ٻارن جي ماءُ سان اخلاقيات تي بحث نه ڪيو، ڇو ته پوءِ ماءُ به پنهنجي آداب عرض وساري سگهي ٿي.“
سندس اسٽورين کانپوءِ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پيجن تي اها پوسٽ شيئر ڪئي، ڪجهه ماڻهن اداڪارا سان اتفاق ڪيو، جڏهنته ڪجهه جو چوڻ هو ته ٻين جي سڪون جو به خيال رکڻ گهرجي.

آگسٽ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو