نوابشاهه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان شاندار تقريب، قومي جذبي جو اظهار

Spread the love

نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)  گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مھراڻ ڪالوني نوابشاھ ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال ميڊم نسرين ناز ڀٽي اسڪول جي استادن ۽ شاگردياڻين پاران پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو ويو

۽ بعد ۾ شاگردياڻين تقريرون ڪيون ۽ پاڪستان جي ملي نغمن تي رقص ڪيو ۽ بنيان مرسوس جي حوالي سان ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي پرنسپال نسرين ناز چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان هر سال عيد وانگر ملھائيندا آهيون ۽ ملھائيندا رهنداسين هن چيو ته اڄ جيڪو اسان هن اسڪول ۾ پروگرام رکيو آهي ان جو مقصد نئين نسل کي اهو ٻڌائڻ لاءِ آهي ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي ۽ غلامي ڪيڏي وڏي گار آهي

ھن چيو ته اسان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻين ان وقت جي ليڊرن جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي غلامي مان ڪڍي آزاد ملڪ ڏنو هاڻي اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيون ان موقعي تي پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده آباد جا زوردار نعرا هنيا ويا

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو