ٿرپارڪر ضلعي ۾ “معرڪه حق” جشنِ آزادي جي تيارين جو زور، اسڪولن ۽ شهرن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري

مٺي (ڊ-ر) پوري ملڪ جيان ٿرپارڪر ضلعي ۾ “معرڪه حق” جشن آزادي جون ڀرپور تياريون جاري، مختلف اسڪولن سميت شهرن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پروگرام منعقد. پوري ملڪ جيان ٿرپارڪر ضلعي ۾ “معرڪه حق” جشن آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ زور شور سان تياريون جاري آهن، ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن، سرڪاري اسڪولن ۽ شهرن ۾ معرڪه حق جشن آزادي جي تيارين جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون،
ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف شهرن سميت ڳوٺن ۾ به پروگرام منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ شهر مٺي، چيلهار، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ سميت ڳوٺ هوٿيئر، مالهيار، سوڀيار، ڀاڏور ۽ ٻين هنڌن تي جشن آزادي جا پروگرام رکي تياريون ڪيون پيون وڃن، ٿرپارڪر جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ڳوٺ جهپيو، نيڻيسر، هوٿيئر، ميگھواڙ ڪالوني مٺي، کينڪيون، راڻا ڪالوني ڏيپلو،
مين اسڪول اسلام ڪوٽ هارون ڪالوني ڏيپلو ،المهراڻ اسڪول مٺي سميت ٻين اسڪولن ۾ معرڪه حق جشن آزادي جي تيارين جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون، منعقد ڪيل تقريبن دوران معرڪه حق جشن آزادي جي حوالي سان تقريرون، ٽيبلا، راندين جا مقابلا ڪرايا ويا.
آگسٽ 13, 2025