مڪلي ۾ ريسڪيو 1122 پاران جشنِ آزادي جي حوالي سان آگاھي مهم، ايمرجنسي حالتن بابت ڄاڻ فراهم

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) مڪلي 1122 پاران دبئي شاپنگ مال تي جشنِ آزادي جي حوالي سان آگاھي مهم، ايمرجنسي ڪيسن بابت ڄاڻ ڏني وئي 14 آگسٽ جي مناسبت سان ريسڪيو 1122 طرفان مڪلي ۾ دبئي شاپنگ مال تي اورنيس ڪيمپ لڳائي وئي، جتي ٺٽي جي عوام کي ايمرجنسي حالتن، طبي مدد، ۽ حادثن وقت حفاظتي قدمن بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي ريجنل مئنيجر وزير احمد زئور ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر ڌڻي بخش پليجو طرفان شرڪت ڪندڙن کي ايمرجنسي ريسپانس سسٽم ۽ ان جي اهميت بابت آگاهه ڪيو ويو.
تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، مختيار ڪار ٺٽو اقتدار رسول ، اسسٽنٽ مختيارڪار عزيز ميمڻ سميت مختلف سماجي ۽ صحافتي شخصيتن شرڪت ڪئي. ايوانِ صحافت ٺٽو جي نمائندن کي پڻ خاص طور تي دعوت ڏني وئي، جنهن ۾ صدر علي اڪبر دلواڻي، ميڊم صابرا قريشي، لالا شعيب پٺاڻ، ۽ اختر حسين بروهي جي شرڪت قابلِ ذڪر رهي. هن آگاھي مهم جو مقصد عام ماڻهن کي ايمرجنسي حالتن ۾ صحيح ردعمل ڏيڻ جي تربيت ڏيڻ ۽ ريسڪيو 1122 جي خدمتن بابت شعور پيدا ڪرڻ هو.
آگسٽ 13, 2025