سيوهڻ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، ڦر جي ڪوشش ناڪام، هڪ جوابدار گرفتار

سيوهڻ (رپورٽ:محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ پوليس جي پيٽرولنگ دوران ڪامياب ڪارروائي، ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو ۽ ون فائيو انچارج منظور دل جوابدار عرفان علي جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار جو تعلق شڪارپور سان آهي، 4 جوابدارن جو هڪ گروهه ڦر ڪري رهيو هو ته اوچتو پوليس پهتي، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ باقي فرار ٿي ويا،
گرفتار جوابدار خلاف سنڌ جي مختلف پوليس اسٽيشنن تي 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ هو پوليس کي گهربل هو،گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ ڪيتريون ئي گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن،ڪامياب ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جي پوليس ٽيم کي مبارڪون.
آگسٽ 13, 2025