نيو ڇور گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بجيرن جي ڍاڻي ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان شاندار تقريب، شاگردن جي ٽيبلوز ۽ تقريرن کي ڀرپور داد

Spread the love

ڇور ( روپوٽ: لالجي سوڍو)نيو ڇور جي ڳوٺ سڻوهي  گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بجيرن جي ڍاڻي ۾ جشن  آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان ھڪ شاندار تقريب  ٿي جنھن ۾ اسڪولي ٻارڙن مختلف ٽيبلوز , خاڪا , قومي گيت ۽ مختلف ٻولين ۾ تقريرون ڪري وڏي داد حاصل ڪئي  تقريب ۾ خطاب ڪندي مهمان ڪنول موھن لال  يو سي چئرمين ھرچند راء،ڊي اي او  پرائمري سائين مير حسن آريسر صاحب،

پ ٽ الف ضلعي صدر رتن سنگھ سوڍو ۽ ٻين چيو ته جشن آزادي جي موقعي ٻھراڙي ڳوٺ ھڪ بھترين پروگرام ڪرڻ تي اسڪول انتظاميا کي جس ھجي اسڪولي ٻارڙن جو ٽيلينٽ ڏسي وڏي خوشي ٿي پاڪستان اسان جو وطن آھي جنھن سان ھر ماڻھو محبت ڪري ٿو سڀاڻي ,14 آگسٽ تي آزادي ڏھاري ڀرپور نموني ملھايو ويندو ان موقعي تقريب ۾  شھزاد علي ڪنڀر RSU,نانجي مل D.D.E.O ، سائين راڻو مل مالھيAEO

،سائين شام لال AEO، سائين گوتم پرڪاش سٽي صدر، فوڪل پرسن سائين شمشاد علي سومرو، سائين نندلال، سائين ھاشم سومرو ۽ ھاء اسڪول جو اسٽاف،  ليکڪ مڪيش بارٿاڻي،رتن جي، مولچند، ۽  ڳوٺ جي  معزز مھمانن،پريس ڪلب ڇور صحافي برادري، نور سنڌي، لالجي سوڍو  وفا دُرجن چوهاڻ ۽ GBPS بجيرن جي ڍاڻي ھيڊ ماستر سائين جيٺانند،سائين گيانچند،سائين موھڙ سنگھ، سائين پھلاج،سائين جگمال،سائين اشوڪ،سائين سوائي مل،سائين چندر،سائين ھريش،

سائين گرڌاري ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آخري ۾ بھترين پرفارميش ڏيکاريندڙ ٻارڙن کي شليڊون ڏنيون جڏھن تي پاڪستان زنده ۽ پاڪ فوج زنده جا نعرا پڻ ھنيا ويا

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو