هڪ ڪيس جي پنج ڪروڙ فيس..! لطيف کوسي، اياز صادق کا وائڙو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سپريم ڪورٽ جي فيسن ۾ واڌ بابت بحث دلچسپ رخ اختيار ڪري ويو، جتي تحريڪ انصاف جي لطيف کوسي ۽ اسپيڪر سردار اياز صادق وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
لطيف کوسي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ مون کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، پهرين ريويو ٽڪيٽ جي فيس پنج هزار رپيا هئي، جيڪا هاڻي پنجاهه هزار رپيا ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح هر قسم جي اپيلن جي ٽڪيٽن جي فيس ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.
ان تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان کي خاطري ڪرائي ته معاملو حل ڪرايو ويندو.
ان دوران اسپيڪر اياز صادق، لطيف کوسي کان ڀوڳن ۾ پڇيو ته “توهان هڪ ڪيس جي ڪيتري فيس وٺو ٿا؟“
جنهن تي لطيف کوسي ٻڌايو ته حنيف عباسي خلاف ڪيس ۾ مون کي پنج ڪروڙ رپين جي آڇ ٿي هئي، پر مون سياسي شخصيتن خلاف ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو.
اسپيڪر مرڪندي چيو ته ” توهان هڪ ڪيس جا پنج ڪروڙ وٺو ٿا، ڪڏهن ڪا ماني ٻاني به کارائيندا آهيو؟“ جنهن تي لطيف کوسي به جواب ڏنو ته “جڏهن توهان چوندا، تڏهن کارائينداسين۔“