گورن کي گهر ۾ ڌوڙ ڪندڙ گِل جولاءِ جو بهترين ڪرڪيٽر قرار

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جولاءِ 2025 لاءِ “پليئر آف دي منٿ” جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت جي ٽيسٽ ڪپتان شُڀمَن گِل کي جولاءِ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي، نوجوان ڀارتي بيٽر انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي اِهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
انگلينڊ خلاف انڊريسن –ٽنڊولڪر سيريز جي پنجن ميچن هن 754 رنسون 75 جي ايوريج سان ٺاهيون، جن ۾ هڪ ڊبل سينچري ۽ ٻه سينچريون شامل هيون.
گِل ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ 269 ۽ 161 رنسن جون اننگون کيڏي، ڀارت کي 336 رنسن سان تاريخي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان دوران هو انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهريون ڀارتي ڪپتان ۽ پرڏيهه ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ٻيو ڀارتي ڪپتان بڻجي ويو.
ان سيريز دوران هن عظيم ڀارتي بيٽر سنيل گواسڪر ۽ سچن ٽنڊولڪر جا پراڻا رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيا.
ان کانسواءِ شُڀمَن گِل چوٿون ڀيرو آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻيندڙ پهريون مرد ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي، پليئر آف دي منٿ لاءِ شُڀمَن گِل سان گڏ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وقتي ڪپتان گذريل مهيني زمبابوي خلاف ٽرپل سينچري اسڪور ڪندڙ ويان مُلڊر کي نامزد ڪيو ويو هو.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو